ڪنري: مئل ڏاچيءَ جون ٽنگون ڪپڻ جو انڪشاف، وڊيو وائرل، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

جُولاءِ 1, 2024

ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ۾ ڏاچيءَ جون چارئي ڄنگھون ڪپڻ وارو مامري نئون رخ اختيار ڪري ورتو،  ڏاچيءَ جون مئل حالت ۾ ڄنگھون ڪپڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڏاچيءَ جي ھڪ ٻي ويڊيو وائرل ٿي وئي، ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڏاچيءَ مئل ۽ ڄنگھون وڍيل نه آهن، خبر موجب 2 ڏينھن اڳ مورجھنگو موڙ وٽ ڳوٺاڻي رشيد ڪپري جي ڏاچيءَ جون 4 ئي ڄنگھون ڪپڻ واري مامري نئون رخ اختيار ڪري ورتو، ڏاچيءَ جي ھڪ ٻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڏاچيءَ مئل حالت ۾ روڊ تي پيل آھي ۽ سندس 4 ئي ڄنگھون صحيح سلامت آھن، اھڙي تصديق ڏاچيءِ مالڪ رشيد ڪپري، ڊي ايس پي ڪنري زين بلوچ ۽ وٽرنري ڊاڪٽر انيل ٺاڪراڻي پاران ڪئي وئي آھي، ھوڏانھن مئل ڏاچيءِ 24 ڪلاڪن تائين روڊ تي پيل هجڻ ڪري بدبوءِ ڪري وئي، جنھن بعد ميڊيا تي خبرون هلڻ ۽ علائقي واسين جي سخت رد عمل بعد انتظاميا روڊ تي پيل ڏاچيءِ کي روڊ تان کڻائي ڇڏيو، واقعي کي 36 ڪلاڪ کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو، جڏھن ته پوليس ڪپيل ڄنگھن ۽ جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۾ به ناڪام بڻيل آھي، ڏاچيءِ جي مالڪ رشيد ڪپري جو چوڻ آھي ته علائقي جي ماڻھن، واٽ ويندڙن ۽ ڳوٺاڻن کان پڇا ڳاڇا ڪئي آھي جنھن بعد مونکي خبر پئي آھي ته منهنجي ڏاچيءَ جون ڄنگھون مئل حالت ۾ ڪپيون ويون آھن، ڏاچيءَ بيماري سبب مري وئي ھئي جنھن بعد اڻڄاتل ماڻھو ڄنگھون ڪپي ويا، خبر ناهي اهو شرمناڪ عمل ڪنھن ڪيو آھي، ڪنھن تي شڪ ناهي.

وٽرنري ڊاڪٽر جي رپورٽ ۽ پوليس جي پڌرائي ۾ تضاد

ڪنري: وٽرنري ڊاڪٽر جي رپورٽ ۽ پوليس جي پڌرائي ۾ تضاد سواليا نشان بڻجي ويو، ڏاچيءَ جون ڄنگھون ڪپڻ واري واقعي تي وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر انيل ٺاڪراڻي ڏاچيءَ جو معائنو ڪري فزيڪل رپورٽ جاري ڪئي، جنھن ۾ ڏاچيءَ جون ڄنگھون مئل حالت ۾ ڪپڻ جو انڪشاف ڪيو ويو، جڏھن ته پوليس ان فزيڪل رپورٽ کي ئي فائنل پوسٽمارٽم رپورٽ قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته ڏاچيءَ واقعي جي فائنل پوسٽمارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آھي ۽ موت طبي طور ٿيو ۽ ڄنگھون موت بعد ڪپيون ويون، وٽرنري ڊاڪٽر جو چوڻ آھي ته اسان ڏاچيءِ جون پوسٽمارٽم ناهي ڪيو، صرف معائنو ڪري فزيڪل رپورٽ جاري آھي، پوسٽمارٽم ۾ جزا ورتا ويندا آھن ۽ سيمپل ليبارٽري اماڻيا ويندا آھن فائنل رپورٽ ۾ ڪجھ مھينا لڳندا آھن، پوليس ۽ وٽرنري ڊاڪٽر جي بيانن ۾ تضاد تي ڏاچيءَ مالڪ ۽ علائقي واسين حيرانگي جو اظھار ڪيو آھي.

ڏاچي بک ۽ اڃ ۾ مرڻ جا اطلاع،  مالڪ کان پڇاڳاڇا ڪئي وڃي: علائقي واسي

ڪنري: علائقي جي اهم ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ڏاچيءَ مالڪ رشيد ڪپري جي اٺن جو وڳ چاري لاءِ ويل هو، جتان سمورو وڳ واپس اچي ويو ۽ ھڪ ڏاچي رهجي وئي، ڌنار ڇڏي هليو آيو، ڏاچيءَ چارو، پاڻي نه ملڻ ۽ بيماري سبب تڙپي تڙپي مري وئي، ذريعن موجب، ڏاچي جي موت بعد اڻڄاتل ماڻھن پاران رات جي پھرين پھر ۾ 2 ڄنگھون ڪپيون ويون ۽ باقي 2 ڄنگھون صبح جي وقت فجر محل ڪپيون ويون، ڄنگھون ڪپڻ بعد علائقي واسين کي صبح جي وقت خبر ملي ۽ معاملو سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد ڏاچيءَ جو مالڪ حرڪت ۾ آيو، علائقي واسين مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري ڏاچيءَ مالڪ کان به سخت پڇاڻو ڪيو وڃي.

في الحال ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪو جواز سامهون ناهي آيو: جاچ آفيسر

ڪنري: واقعي جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي ڪنري زين رضا بلوچ جو چوڻ آھي ته واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪري رهيا آھيون، اسان جي ٽيم ڪم ڪري پئي، واقعي جي جاچ دوران اهم موڙ سامهون آيو آھي ته ڄنگھون ڪپڻ جو واقعو ڏاچيءَ جي مرڻ بعد پيش ٿيو آھي ۽ 30 ڪلاڪن کان ڏاچيءَ جو لاش واقعي واري ھنڌ تي پيل هو، نه ئي واقعي واري ھنڌ تازو رت هو، معاملي جي سمورن رخن سان جاچ ڪريون پيا، قانوني طريقي سان وڌيڪ ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي، فلحال ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪول جواز سامهون ناهي آيو.

Leave A Comment