ڪنري ۾ ڪروڙين رپين جو سولر لائيٽ منصوبو ناڪاره، عوام کي لاڀ نه مليو

آڪٽوبر 28, 2024

ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) سنڌ حڪومت جي اڳوڻي پ پ پ جي دور حڪومت ۾ سال 2014ع دوران عوام لاءِ سولر اسٽريٽ لائيٽ جو اربين رپين جو منصوبو منظور ڪيو ويو، جنھن تحت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سولر اسٽريٽ لائيٽون لڳايون ويون ۽ انھي منصوبي مان ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ڪنري جي مک روڊن سميت گھٽين ۽ پارڪن ۾ سولر لڳايون ويون، جنھن سان عوام شھر ۾ لوڊشيڊنگ دوران ٿيندڙ ڏوھن کي روڪڻ سان گڏ عوام کي وارڊ ۽ گھٽين ۾ لوڊشيڊنگ ھجڻ جي باوجود روشني جو مناسب انتظام ميسر ٿيو ۽ لوڊشيڊنگ جي باوجود شھر جا روڊ رستا روشن رھڻ لڳا، ذريعن موجب ڪنري شھر ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان سان لڳايل سولر اسٽريٽ لائيٽن کي روشن رکڻ لاءِ مرمت جي ذميواري ٺيڪو حاصل ڪندڙ ڪمپني کي ڏني وئي ھئي ته جئين شھر جو اسٽريٽ لائيٽون بنا ڪنھن رڪاوٽ ۽ خرابي جي روشن رھن، جڏھن ته ھڪ مقرر وقت بعد ھنن سولر لائيٽن جي مرمت ۽ سار سنڀال تعلقي جي انتظاميا جي حوالي ڪرڻ جو ايگريمينٽ ڪيو ويو، ڪمپني جي نااھلي ۽ عدم دلچسپي جي ڪري شھر جي مختلف علائقن ۾ لڳل سولر اسٽريٽ لائيٽون مرمت ۽ صفائي نه ٿيڻ جي ڪري بند ٿي ويون آھن، جڏھن ته شھر جي مختلف علائقن ۾ لڳل سولر اسٽريٽ لائيٽن جا ٿنڀا ڪرڻ ڪنڌي تي آھن، ذريعن موجب ڪروڙين رپين جي عوامي منصوبي ۾ ٺيڪيدارن ۽ ڪامورن جي ملي ڀڳت جي ڪري ناقص مٽيريل وارين سولر پليٽون، ٿنڀا ۽ ايل اي ڊي لائيٽون لڳڻ سبب حڪومت جو ھي منصوبو عوام کي لاڀ نه ڏئي سگھيو آھي، ذريعن موجب شھر ۾ لڳل سولر اسٽريٽ لائيٽن جي سولر پليٽن کي گھٽ ۾ گھٽ 8 کان 10 ڏينھن ۾ ھڪ ڀيرو صاف ڪرڻ ضروري آھي، ته جئين سولر پليٽين تي بيٽريون مڪمل طور چارج ٿي سڄي رات بناھ ڪنھن رڪاوٽ جي روشن رھي سگھن، پر عدم توجهه سبب مھينن جا مھينن سولر سلائيٽن جي پليٽن کي صاف نٿو ڪيو وڃي، جنھن ڪري ڪروڙين رپين جو منصوبو عوام لاءِ بي لاڀ بڻجي ويو آھي ۽ شھر جون گھٽيون اونداھ ۾ ٻڏل رهن ٿيون

سنڌ حڪومت منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي: سڄاڻ ڌريون

ڪنري: ڪنري جي سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن محمد اشرف آرائين، محمد رمضان ۽ ٻين ڪروڙين رپين جي اسڪيم تباھ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، ڊي سي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ حڪومت پاران عوام جي فلاح لاءِ ڏنل ڪروڙين رپين جي عوامي منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي خراب پيل سولر اسٽريٽ لائيٽن ۽ ڪرڻ ڪنڌي تي پيل ٿنڀن جي مرمت ڪرائي منصوبي جو فائدو عوام تائين پھچڻ ممڪن بڻايو وڃي ۽ نااھلي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي

منصوبو ۽ لائيٽون اسان جي حوالي ناهن ٿيون: ٽائون انتظاميه

ڪنري: رابطو ڪرڻ تي ٽائون انتظاميا جو چوڻ آھي ته سولر لائيٽن وارو ٺيڪو حڪومت پاران ڪپمني کي ڏنو ويو هو ۽ ان تحت ئي سولر لڳيون، جنھن جي سار سنڀال ڪپمني وٽ آھي، اڃا تائين اهو منصوبو ۽ لائيٽون اسان جي حوالي ناهن ٿيون، باقي ڪجھه قدر خراب ٿيندڙ لائيٽن کي اسان پنھنجي وس آھر درست ڪرايون ٿا

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻي ۾ مڙهه کڻن به مشڪل ٻڻيل

  • صالح پٽ ڀرسان جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

  • دادو ۾ عورت سان 3 جوابدارن جي اجتماعي لڄالٽ

  • لاڙڪاڻو: مبينا حملي ۾ مارجي ويلن جي وارث عورت جو احتجاج