آئيني مسودي تي اتفاق جي ويجھو پهتا آهيون، پي ٽي آءِ کي ٻيهر احتجاج ملتوي جي اپيل آهي: فضل رحمان
آڪٽوبر 15, 2024
ٽنڊوالهيار/ميرپورخاص (نمائندن وٽان ) جمعيت علماء اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئيني مسودي تي اتفاق جي ويجھو پهتا آهيون، پي ٽي آءِ کي ٻيهر احتجاج ملتوي جي اپيل ڪيان ٿو
مولانا فضل الرحمان ٽنڊوالهيار پهتو، جتي ڪاارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. مولانا فضل الرحمان ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ مفتي محمود ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ٽنڊو الهيار مان گذريو
ان دوران ٽنڊوالهيارجي مختلف علائقن نصرپور، ڪيريا شاخ، مين بس اسٽاف شاھ لطيف گيٽ سامهون سوين ڪارڪنن مولانا مٿان گلن جي ورکاء ڪري هن جو استقبال ڪيو
ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان ڳالهائيندي چيو ته شنگهائي ڪانفرنس سٺو عمل آهي پي ٽي آئي وارن سان ڳالهايو آهي ته احتجاج ملتوي ڪيو ڇاڪاڻ ته اسانجي سرزمين تي ٻاهريان مهمان پيا اچن ان موقعي تي احتجاج ڪرڻ سان سٺو پيغام نه ملندو ان کان اڳ به احتجاج ڪيا ويا پر انهن جو سٺو نتيجو نه نڪري سگهيو
هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني مسلمانن کي اڪيلو نه ڇڏبو ،فلسطين جا مجاهد ڪاميابي طرف وڌي رهيا آهن ۽ اسرائيل کي هاڻ روس غير لڳي چڪو آهي
هن وڌيڪ چيو ته آئين قانون پارليمنٽ جي ڊيوٽي آهي اسانجي ڊيوٽي آهي ته ملڪ جي حالتن کي ڏسندي ضرورت مطابق قانون ۽ آئين ۾ ترميم ڪيون جڏهن به ترميم ڪئي ويندي آهي انهي تي اختلاف ضرور ٿيندا آهن جيڪو مسودو حڪومت طرفان آندو ويو آهي انهي کي اسان رد ڪري ڇڏيو آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي حڪومت جي مسودي سان پارليمنٽ جو وقار ختم ٿيندو ۽ عدليه ڪمزور ٿيندي، انساني حق تباهه ٿيندا. اسان جيڪو ڪنداسين عوام ۽ ملڪ جي مفاد لا۽ ڪنداسين.هن چيو ته اسيمبلي ۾ ان ڪري ناهيون جو عوام جي مفاد خلاف قانون پاس ڪريون، بلاول ڀٽو، نواز شريف ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت سان ملاقاتون ڪندس. ارڙهين ترميم ۾ به اسان کي 9 مهينا لڳي ويا هئا. اڄ ڪهڙو مسئلو آهي جو اسان تي تڪڙ مڙهي وئي آهي
هن چيو ته اسين اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. پي ٽي آءِ کي اپيل ڪريان ٿو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس تائين اجلاس ملتوي ڪري