آئيني ترميم اڄ نه ته ڪڏهن؟ مونکي پٺتي موٽڻ جو چوندڙ پاڻ هٽي وڃن: بلاول ڀٽو زرداري
آڪٽوبر 15, 2024
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته آئيني ترميم اڄ نه ته ڪڏهن؟ پيپلز پارٽي آئيني ترميم تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. مونکي پٺتي موٽڻ جو چوندڙ پاڻ پوئتي هٽي وڃن، ملڪ ۾ انصاف جي نظام ۾ بهتري آڻڻ ۽ جمهوري، آئيني ۽ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻي پوندي. ڪالهه هتي بينظير هاري ڪارڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جڏهن پاڪستان آئي ته انهي جو به ارادو هو ته ميثاق جمهوريت تي عمل ڪندي وفاقي آئيني ڪورٽ ٺاهي وڃي، شهيد راڻي پنهنجي جدوجهد کي مڪمل ڪندي شهيد ٿي وئي. ميثاق جمهوريت تحت ڪجهه شيون رهجي ويون هيون، ڇا اسان انهن کي وساري ڇڏيون؟ ڇا جيل ۾ ويٺل شخص( عمران خان ) ڪري اسان پنهنجي شهيد اڳواڻ جو واعدو وساري ڇڏيون. پيپلز پارٽي انهي تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.هن چيو ته آئون سنڌ جي عوام کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا اوهان پاڪستان جي عدل ۽ انصاف جي نظام مان مطمئن آهيو؟ جيڪڏهن اوهان کي اهو نظام صحيح لڳي ٿو ته انهي کي ائين ئي هلڻ ڏنو وڃي. جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته انصاف جو نظام ٽٽل آهي ۽ اهو ناانصافي جو نظام آهي ته ميثاق جمهوريت ۾ انهي نظام ۾ ڪمزورين جو حل به ٻڌايو ويو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن انصاف جي فراهمي کي يقيني بنائڻو آهي ته ملڪ ۾ برابري جي نمائندگي کي يقيني بنائڻُو پوندو. عام عدالت سان گڏوگڏ هڪ مخصوص عدالت جو قيام به انهي ۾ بهتري آڻڻ جو هڪ طريقو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن پاڪستان جي سمورن صوبن جا برابري جي بنياد تي جج ويهندا، تڏهن ئي اسان جي آئيني مسئلن جو حل نڪرندو. جيڪڏهن وفاق جو ڪنهن صوبي سان جهيڙو ٿي رهيو هجي يا انهي صوبي کي ڪي مسئلا پيش هجن ته پوءِ اهڙو فورم هجڻ گهرجي، جتي انهن مسئلن کي حل ڪري سگهجي. اسان جا 2 مطالبا آهن، هڪ آئيني عدالت جو قيام ۽ ٻيو ججز جي مقرري جو طريقيڪار طئه ڪيو وڃي، اهو سڀ ڪجهه ميثاق جمهوريت ۾ طئه ڪيو ويو هو. پ پ چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو مون کي چئي رهيا آهن ته پوئتي هٽي وڃ، آئون انهن کي چوان ٿو ته اوهان پوئتي هٽي وڃو، انهي ڳالهه جو ڪهڙو مطلب آهي ته آئيني ترميم لاءِ وقت صحيح ناهي؟ جيڪڏهن اهو هاڻ نه ٿيندو ته ڪڏهن ٿيندو؟ هن وڌيڪ چيو ته مون کي جيتري هن عدالتي نظام جي خبر آهي ايتري ڪنهن ٻئي سياستدان کي خبر ناهي. اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري اهڙو نظام شروع ڪيو، جنهن سان عوام کي انصاف نه مليو پر جيڪڏهن ڪنهن کي انصاف ڏنو ويو ته اهو صرف جج صاحبان کي مليو. هن چيو ته پ پ جيڪا آئيني ترميم جي تجويز ڏني آهي، اها سمورن شهيدن ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي واعدي تي ٻڌل آهي، جيڪا ميثاق جمهوريت ۾ لکيل آهي. اسان سڀئي گڏجي انصاف، عدالتي سڌارن، آئيني ترميم ۽ برابري جي نمائندگي جو مطالبو ڪنداسين. هن چيو ته آئون پ پ جي جيالن کي هدايت ڪريان ٿو ته اهي ڪنهن پروپيگنڊا تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ عوام وٽ وڃي کين عدالتي سڌارن کان آگاهي ڏين، هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب اسان جي زراعت خطري ۾ آهي، اسان کي پنهنجن هارين جي مشڪل موسمي حالتن ۾ مدد ڪرڻي پوندي، ٻين صوبن ۾ غريب هارين جي مالڪي نه پئي ڪئي وڃي، سنڌ سرڪار هاري ڪارڊ جي صورت ۾ ڏکين گهڙين ۾ غريب هارين سان گڏ بيٺل هوندي، وڏين مافيائن، صنعتڪارن ۽ واپارين پاران سازش ڪئي پئي وڃي، زراعت جي شعبي کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ کان وڌيڪ احمقاڻو مشورو ٻيو ٿي نه ٿو سگهي، زراعت کي ڊي ريگوليٽ نه پر ريگوليٽ ڪرڻو پوندو، آئون مطالبو ڪريان ٿو ته فرٽيلائيزرز ڪمپنين کي ملندڙ اربين رپين جون سبسڊيز ختم ڪيون وڃن، اهي رقمون هاري ڪارڊ لاءِ ڏنيون وڃن، هاري ڪارڊ سان هارين کي فصل خراب ٿيڻ جي صورت ۾ به مدد ملي سگهندي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ننڍن آبدگارن ۽ هارين کي زرعي قرض ڏيڻ واري منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي، صوبائي حڪومت انهن قرضن تي وياج ڀريندي، آبادگار فقط اصل رقم ادا ڪرڻ جا ذميوار هوندا. هن چيو ته اسان سنڌ بينڪ ذريعي ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي قرض ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، هاري ڪارڊ زرعي قرصن کانسواءِ زرعي شعبي ۾ ترقي لاءِ ننڍي پيماني تي هارين کي گهربل مالي رليف فراهم ڪندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت فصلن جي انشورنس يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ انشورنس ڪمپني سان ڪم ڪري رهي آهي هن چيو ته زراعت کاتي 15 لک هارين ۽ آبادگارن کي رجسٽرڊ ڪيو آهي جن کي اڄ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن.