آئيني ترميمون سامهون اچي ويون: چيف جسٽس مقرري جو اختيار حڪومت کي ڏيڻ جي تجويز

سيپٽمبر 16, 2024

اسلام آباد: تجويز ڪيل آئيني ترميمون سامهون اچي ويون، چيف جسٽس جي مقرري جو اختيار حڪومت کي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي، ذريعن موجب  حڪومت طرفان تجويز ڪيل آئيني ترميمن  ۾ 20 کان وڌيڪ شقون شامل آهن. ذريعن موجب آئين جي شقن 63، 51، 175، 187 ۾ ترميمون شامل آهن، بلوچستان اسيمبلي جي نمائندگي ۾ واڌ، بلوچستان اسيمبلي جون سيٽون 65 مان وڌائي 81 ڪرڻ ۽ آئين جي آرٽيڪل 63 ۾ ترميمون شامل آهن. باغي ميمبرن جو ووٽ، آرٽيڪل 63 ۾ ترميم، آئين جي آرٽيڪل 181 ۾ به ترميم ڪرڻ جو امڪان آهي، آئيني عدالت جي فيصلي تي اپيل آئيني عدالت ۾ ٻڌي ويندي، آئيني عدالت ۾ آرٽيڪل 184، 185، 186 بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿيندي. هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ٻين صوبن جي هاءِ ڪورٽس ۾ ٽرانسفر ڪرڻ جي تجويز آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري سپريم ڪورٽ جي 5 سينيئر ججن جي پئنل مان ٿيندي. حڪومت سپريم ڪورٽ جي 5 سينيئر ججن مان چيف جسٽس لڳائيندي، آئيني عدالت جا باقي 4 جج به حڪومت مقرر ڪندي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪاميٽي کي گڏ ڪيو ويندو. آئين جو آرٽيڪل 181 ججز جي عارضي مقرري، آرٽيڪل 184 پاڻمرادو نوٽيس واري اختيار، آرٽڪيل 185 فيصلن تي اپيل، آرٽيڪل 186 صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي مشاورتي اختيار ٻڌڻي، آرٽيڪل 63 پارليامينٽ ميمبر جي اهليت بابت آهي، آرٽيڪل 63 اي ڊي فيڪشن ڪلاز ۽ پارٽي سربراهه اختيار بابت آهي، آرٽيڪل 51 مخصوص سيٽن بابت آهي، آرٽيڪل 175 سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي جوڙجڪ، ججز جي مقرري بابت آهي، آرٽيڪل 175 اي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ججز جي مقرري ۽ آرٽيڪل 187 مڪمل انصاف بابت آهي.

Leave A Comment