توهين عدالت ڪيس: ڊي سي اسلام آباد کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ جو حڪم

فيبروري 21, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيندي 26 فيبروري تائين ٻئي شوڪاز جو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي
جسٽس بابر ستار ڊي سي عرفان نواز ميمڻ خلاف عدالتي حڪم باوجود ايم پي او ٿري جا آرڊر جاري ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هلائي
ڊي سي عرفان نواز ميمڻ ٻڌڻي دوران جسٽس بابر ستار جي بينچ تي اعتراض واريندي ڪيس ٻي بينچ ڏانهن منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي
جسٽس بابر ستار چيو ته ڇا هاڻي بينچ توهان جي مرضي سان ٺهنديون؟ ڊي سي جي وڪيل راجا رضوان عباسي دليل ڏيندي چيو ته ڊي سي او پاران ايم پي او آرڊر جاري ڪرڻ ۾ ڪا به بدنيتي نه هئي
جسٽس بابر ستار چيو ته 16 مئي جو پهريون ايم پي او آرڊر عدالت رد ڪيو، ان جي باوجود وڌيڪ ايم پي او جاري ڪيا ويا
ڊي سي جي وڪيل چيو ته انتظامي مجبوري ۽ امن امان سبب ايم پي او جاري ڪيا ويا، سڀاڻي ڪا دهشتگردي ٿئي ها ته عدالت ڊي سي کي چوي ها ته توهان ڪارروائي ڇو نه ڪئي
جسٽس بابر ستار چيو ته اسان جڏهن هن جا ايم پي او جاري ڪرڻ جا پاور ختم ڪيا ته ڇا هي رڪجي ويو؟
ڊي سي جي وڪيل چيو ته انٽيليجنس ادارن جي رپورٽ جي بنياد تي ايم پي او جاري ڪيا ويا، رپورٽن مطابق شهر يار آفريدي جيل ۾ هوندي احتجاج جي رٿابندي ڪري رهيو هو

Leave A Comment