ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ 52713 ايڪڙ زمين ڏيڻ لاءِ ڪابينا ڪاميٽي قائم: 8 ڪينٽونمينٽ بورڊن کي پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي اجازت

مَي 31, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار پاران ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ 52713 ايڪڙ زمين 20 سالن لاءِ ڏيڻ بابت ڪابينا ڪاميٽي قائم، پرڳڻي جي 8 ڪينٽونمينٽ بورڊن کي پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي به اجازت، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ 33 ايجنڊائن تي غور ويچار ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته نگران حڪومت خيرپور جي 28000، ٿرپارڪر جي 10000، دادو جي 9305، سجاول جي 3408، ٺٽي ۽ بدين جي هڪ هڪ هزار ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيوٽ ليميٽڊ کي 20 سالن لاءِ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، انهي زمين کي ڪارپوريٽ مقصدن لاءِ ڏيڻ جي حوالي سان قانون، زراعت ۽ آبپاشي وارن وزيرن ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي، جيڪا تجويزن  جو مطالعو ڪري حتمي فيصلا ڪرڻ لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته  گرين ڪارپوريٽ ليميٽڊ 6 ضلعن خيرپور، ٿرپارڪر، دادو، سجاول، ٺٽي ۽ بدين ۾ 52713 ايڪڙ زمين تي زرعي فارمنگ لاءِ جوائنٽ وينچر جي درخواست ڪئي آهي.  اها صوبي م ڪارپوريٽ فارمز قائم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻيندي.  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي جا 6 ڪينٽومينٽ بورڊ ڪراچي، ڪلفٽن، منهوڙو، ملير، فيصل ۽ ڪورنگي، حيدرآباد ۽ پنو عاقل وارا  ڪينٽونمينٽ بورڊ معمول موجب  پراپرٽي ٽيڪس وصول ڪندا،  اها رقم اهي پاڻ خرچ ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت حوالي ڪندا، جڏهن ته سنڌ سرڪار ٽيڪس وصولي تي کين 2 سيڪڙو ڪميشن ادا ڪندي، اجلاس ۾ ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ حب ڪئنال کي پنهنجي سرڪاري فنڊنگ سان بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 75 ارب رپين جي لاڳت سان حب ڪئنال جي بحالي واري منصوبي کي پي پي پي موڊ ذريعي  شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهو منصوبو اڳتي  وڌي نه سگهيو. واٽر بورڊ موجوده حب ڪينال کي بحال ڪرڻ ۽ موجوده سسٽم لاءِ 100 ايم جي ڊي  گنجائش واري ٻئي ڪينال جي تعمير جي تجويز ڏني آهي. نئين ڪينال جي تعمير تي 9.8 ۽ موجوده ڪينال جي سار سنڀال تي 2.92 ارب خرچ ٿيندا ڪابينا انهي تجويز جي منظوري ڏيندي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته ڪم کي جلد شروع ڪيو وڃي، ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ڪابينا کي ٻڌايو ته نيشنل انرجي ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (اين اي ٽي سي) 50 بسون ڏنيون آهن، جن کي سندس کاتو ٽن روٽس تي هلائي رهيو آهي. ڪابينا جنوري کان جون 2024 دوران 50 اليڪٽرڪ بسن جي ماهوار قسطن لاءِ 412.5 ملين رپيا فراهم ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو. ستن سالن لاءِ 825 ملين رپيا ۽ آخري سال لاءِ 412.5 ملين رپيا رکيا ويا. 8 سالن بعد اهي بسون سنڌ حڪومت جون ٿي وينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته  صوبائي سيڙپڪاري کاتي سنڌ بزنس ون اسٽاپ ون شاپ پورٽل ٺاهيو آهي جنهن ۾ آن لائين ڪنسوليٽڊ بزنس رجسٽري، رجسٽري ۾ ايپليڪيشنون، في جي اي-ادائيگي ۽ چالان، اين او سيز ۽ پرمٽ جاري ڪرڻ، ايپليڪيشن ٽريڪنگ، ايس ايم ايس/اي ميل نوٽيفڪيشن، درخواست ڏيندڙن/ کاتن لاءِ انتظامي ڊيش بورڊ، ۽ اي-سرٽيفڪيشن شامل آھن. وڏي وزير چيو ته موجوده سنڌ بزنس رجسٽريشن پورٽل رڳو 4 آن لائين ايپروولز فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته نئون  سنڌ بزنس ون اسٽاپ ون شاپ 16 کاتن جون آن لائين منظوريون ڏيندو. سنڌ ڪابينا سيڪريٽري ليبر جي چيئرمي نشپ  هيٺ سنڌ هوم بيسڊ ورڪرز ڪائونسل جوڙڻ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، ڪمشنر سي ايس ايس آءِ، سيڪريٽري ورڪر ويلفيئر بورڊ، ڊي جي سي ايس آءِ، ملازمن جا نمائندا، گهرو مزدور ۽ وڪيل شامل هوندا، هوڏانهن سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي  سينيئر وزير شرجيل ميمڻ  چيو ته سنڌ سرڪار سالڊ ويسٽ تي  اربين رُپيا خرچ ڪندي آھي، انهي باوجود ماڻھو پنھنجن گھرن جو ملبو ۽ گند  روڊن تي اُڇلائي ڇڏيندا آھن، جنھن ڪري ناليون بلاڪ ٿيڻ سان گڏ ٻين پريشانين جو منھن ڏسڻو پوندو آھي، سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آھي ته روڊن تي ملبو اُڇلائڻ وارن کي گرفتار ڪيو ويندو، اُن سلسلي ۾ ايس ايڇ اوز کي به ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن. هن چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اي لاجسٽڪ پورٽل آڻڻ ۽ اي پيمينٽ جي سھولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو،سنڌ جي 48 مان 16 کاتن کي ڊجيٽلائز ڪيو ويندو، اُنھن سمورن کاتن جو ڪم ھاڻي ڪمپيوٽرائزڊ ٿي ويندو، جنھن سان کاتن ۾ شفافيت يقيني ٿي ويندي، عوام جا مسئلا آن لائين حل ٿي سگھندا، ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان اھو ڪم ھن سال ئي مڪمل ٿي ويندو، اسان 50 اي وي بسون آنديون آھن، ھاڻي نوان روٽ شروع ڪيا ويندا، اسان جو ٽارگيٽ 8 ھزار بسون ھلائڻ جو آھي.

Leave A Comment