ڪارپوريٽ فارمنگ نالي ڪالاباغ ڊيم جهڙي چولستان ڪئنال رٿا جو انڪشاف: وفاق فيصلو ڪري ته هي منصوبو کپي يا پاڪستان: پ پ

سيپٽمبر 4, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پنجاب صوبي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت 296 ڪلو ميٽرن تائين طويل چولستان ڪئنال قائم ڪرڻ جي منصوبي جي رٿا جو انڪشاف، سنڌ جي چونڊيل ميمبرن ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبي کي ڪالا باغ ڊيم وانگر سنڌ لاءِ نئين مصيبت قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت فيصلو ڪري ته هن کي هي منصوبو کپي يا پاڪستان گهرجي. جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ تحت پنجاب ۽ سنڌ ۾ 48 لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪرڻ، اِن لاءِ  پنجاب ۾ بنجر زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ 296 ڪلو ميٽر تائين نئون چولستان ڪئنال ٺاهڻ جي منصوبي جي تصديق ڪندي دعوي ڪئي آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبي تي سنڌ حڪومت رضامندي ظاهر ڪري اِن لاءِ زمين جي به نشاندهي ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيل قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ميمبرن سيد نويد قمر، سيد خورشيد احمد شاهه، نواب يوسف ٽالپر، مير غلام علي ٽالپر ۽ سيد حسين طارق پاران ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني ويندڙ 48 ايڪڙ زمين بابت ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو. جنهن جي جواب ۾ هن منصوبي جي تصديق ڪندي پاڻي مامرن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽوَ تحت ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون جنهن جو مقصد جيترا به بنجر علائقا آهن اُنهن کي آباد ڪرڻ آهي. هن پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تقريبن 48 لک ايڪڙ بنجر زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن مان 8 لک 12 هزار ايڪڙ زمين سنڌ ۽ پنجاب صوبن کان حاصل به ڪئي وئي آهي. سنڌ ۽ پنجاب صوبي اِها زمين ٽرانسفر ڪئي آهي باقي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا صوبن سوڌو گلگت بلتستان سان اِن منصوبي بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن. پاڻي مامرن واري وفاقي وزير مصديق ملڪ جو چوڻ هو ته ڪارپوريٽ فارمنگ تحت آبادي ٿيندڙ  زمين جي آمدني مان 40 سيڪڙو آمدني لاڳاپيل صوبي کي ملندي. 40 سيڪڙو آمدني  سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنيءَ کي ملندي جڏهن ته آمدني مان 20 سيڪڙو رقم زرعي ريسرچ تي لڳندي. ڇو ته اسان وٽ في ايڪڙ پيداوار ٿوري آهي. اِن مقصد لاءِ ايس اي سي پي تحت گرين ڪوآپريٽوَ نالي ڪمپني رجسٽرڊ ڪرائي وئي آهي. اهو طئي ڪيو ويو آهي ته اِن منصوبي تحت جيڪا بنجر زمين جنهن صوبي ۾ آباد ٿيندي اُن لاءِ پاڻي لاڳاپيل صوبو پنهنجي حصي مان ڏيندو. اِن حوالي سان پهريون منصوبو پنجاب ۾ چولستان ڪئنال جو آيو آهي اُن ڪئنال جي لاءِ 100 سيڪڙو رقم پنجاب حڪومت فراهم ڪندي. 211 ارب روپين جو منصوبو آهي جنهن مان 296 ڪلو ميٽرز تائين چولستان ڪئنال ٺهندو ۽ 120 ڪلو ميٽرز جو هڪ ٻيو ڪئنال آهي اُنهن ڪئنالن تي پنجاب جي ساڍا چار لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. ارسا جو اسرار هو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت آباد ٿيندڙ زمين هر صوبو پنهنجي حصي مان پاڻي ڏئي اُن لاءِ پنجاب صوبي کان چولستان ڪئنال لاءِ ارسا سرٽيفڪيٽ ورتو آهي اهو ڪئنال 6 مهينا هلندو جنهن مان چار مهينن دوران پنجاب اُن کي پنهنجي حصي مان پاڻي فراهم ڪندو جڏهن ته ٻه مهينا ٻوڏ دوران اُن کي پاڻي ملندو. اڳوڻي وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته پاڪستان پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان دنيا ۾ ڪڏهن اٺون ته ڪڏهن پنجين نمبر تي قهط وارو ملڪ شمار ٿيندو آهي جيڪا ڪارپوريٽ فارمنگ جي ٿيوري ڏني پئي وڃي ته اسان وٽ ڪو سرپلس (اضافي) پاڻي موجود آهي جنهن کي جنهن وقت چاهيون استعمال ڪري ڪئنال ٺاهي سگهون ٿا. پاڪستان ۾ ڪالا باغ ڊيم اِن ڪري اڄ تائين ناهي ٺهيو جو پڇڙي جي حصيدار صوبن کي پاڻي جي رخ تبديل ٿيڻ جو هر وقت خطرو هوندو آهي. پاڻي اُنهن لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي. ڪالا باغ ڊيم مان مس جان ڇڏائي آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ نالي تي اسان لاءِ هڪ ٻئي مصيبت ۽ بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. ٻڌايو وڃي ته اُن لاءِ اضافي پاڻي ڪٿان ايندو؟ ماهرن جون اهي به رپورٽون آهن ته جيڪڏهن هڪ ٻن سالن ۾ ٻوڏ ايندي ته اوترو ئي وقت پاڻي جي قهط واري صورتحال به پيدا ٿيندي. ڪارپوريٽ فارمنگ تحت 48 لک بنجر زمين آباد ڪرڻ جو چئو ٿا جنهن مان خوف ٿي رهيو آهي منهنجو تعلق انڊس رور جي آخر ۾ ايندڙ ضلعن سان آهي. منهنجي ضلعي ٽنڊو محمد خان کانپوءِ بدين ۽ ٺٽو ضلعو پڇڙي ۾ آهي. جيڪڏهن پاڻي مٿي ئي استعمال ٿي ويندو ته اسان وٽ ڪٿان ايندو؟ جيڪي آباد علائقا آهن اُنهن کي متاثر ڪري بنجر علائقن کي ڪارپوريٽ فارمنگ نالي تي آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. ٻڌايو وڃي ته اُن اهو پاڻي ڪٿان ايندو؟ نويد قمر جي تقرير جو جواب ڏيندي وفاقي وزير مصديق ملڪ چيو ته نويد قمر اهم مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. ارڙهين ترميم کان پوءِ وفاق کي اهو حق ناهي ته اهو صوبن کي ٻڌائي ته پاڻي ڪيئن استعمال ڪن. صوبا هڪ يا اُن کان وڌيڪ ڪئنال ٺاهي سگهن ٿا. ٻن صوبن ڪارپوريٽ فارمنگ جو ايگريمينٽ ڪيو. جنهن ۾ سنڌ به شامل آهي. توهان جو تعلق به سنڌ سان آهي. سنڌ بنجر زمين جي نشاندهي ڪري زمين به ڏني آهي. جيڪڏهن اوهان کي اعتراض هيو ته هن منصوبي کي نه مڃيو ها. هن منصوبي کي اوهان تسليم ڪندي زمين به ڏئي چڪا آهيو ۽ فيصلو به ڪري چڪا آهيو ته بنجر زمينون آباد ٿينديون. صدين کان ماڻهو غريب به آهن جِتي پاڻي نٿو وڃي اُنهن جي به زندگي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پيپلز پارٽيءَ جي مير غلام علي ٽالپر چيو ته ٻڌايو وڃي ته جڏهن ٻوڏ نه آئي ته اِن منصوبي لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو. پ پ جي باني چيئرمين زرعي سڌارا آندا جاگيردارن جون زمينون گهٽ ڪري بي زمين هارين کي زمين ڏني وئي پر هن منصوبي تحت هڪ ته نوان چوڌري، وڏيرا، خان ۽ سردار ٺاهيا پيا وڃن. انهن کي ٺاهڻ بجاءِ جن علائقن ۾ بنجر زمين آهي اُتان جي مقامي ماڻهن کي زمينون ڏنيون وڃن ڪمپنين جي نالي تي نوان خان ۽ سردار نه ٺاهيا وڃن. پاڻي معاملن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ جواب ڏيندي چو ته پيپلز پارٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ته اُنهن زرعي سڌارا آندا اهڙا سڌارا وڌيڪ ٿيڻ گهرجن. اُن لاءِ ڪو بل آڻڻ چاهيو ٿا ته آندو وڃي. پيپلزپارٽيءَ جي سيد حسين طارق چيو ته سنڌ جي ٻن هيٺين بئراجن تي مجموعي طور تي 60 لک زمين آباد ٿئي ٿي، جيڪڏهن 48 لک نئين بنجر زمين لاءِ پاڻي استعمال ٿيندو ته اُنهن بئراجن تي آباد ٿيندڙ زمين لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ميمبر ۽ پاڻي معامرن جي اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته پاڻي معامرن واري وفاقي وزير جي جوابن مان مايوس ٿيو آهيان هي انتهائي حساس معاملو آهي پنجاهه، سٺ ۽ نوي ۾ پاڻي ٺاهه ٿيا، 90 ۾ جڏهن پاڻي ٺاهه ٿيو اُن وقت اسان جي حڪومت نه هئي اعتراضن باوجود اسان اُن پاڻي ٺاهه کي قبول ڪيو. هن منصوبي سان تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا اضافي پاڻي موجود ناهي. پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي سمنڊ ۾ پاڻي وڃي ٿو هن وقت ٻوڏ جي صورتحال آهي. اسپيڪر صاحب اوهان ڪميٽي ٺاهيو ته ڏسو ته ڪيترو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته مان پاڻي معاملن وارو وزير هئس منهنجي ڪوششن باوجود ٽيليميٽري سسٽم نه لڳي سگهيو، اهو لڳي به نه سگهندو. جڏهن چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺاهيو ويو اهو چيو ويو ته اهو ٻوڏ ۾ هلندو پر اُن تي به عمل نه ٿيو. ڪالا باغ ڊيم جي اِشو وقت رستا بند ڪيا ويا. هن چيو ته مصدق ملڪ اهو نه ٻڌايو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ ۾ ڪهڙي حڪومت زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. ڇا اُها منظوري اسان ڏني آهي اها منظوري نگران حڪومت دور ۾ ڏني وئي آهي. ايڪسپلائٽيشن ڪئي پئي وڃي ته اها سنڌ صوبي منظوري ڏني آهي. پهريان جڏهن منظوري ٿي اُن وقت چونڊيل حڪومت نه هئي. پهريان پاڪستان باقي اسان سڀ بعد ۾ آهيون. هن وقت سنڌ پر امن صوبو آهي. بنگلاديش جڏهن نه ٺهيو هو اُن کان به اڳ به جي ايم سيد سنڌو ديش جو نعرو هنيو هو. پ پ سنڌو ديش واري تحريڪ کي ختم ۽ تباهه ڪيو. پر اهڙن معاملن سان خطرناڪ بحران پيدا ٿي سگهي ٿو اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته 48 لک ايڪڙ زمين گهرجي يا پاڪستان گهرجي. پاڻي معامرن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ سنڌو ديش جو نعرو ڇو لڳندو. پاڪستان کپي جو نعرو هڻڻ واري پيپلزپارٽيءَ اهڙو نعرو ڇو هڻڻ ڏيندي. پ پ پاڪستان کي نقصان رسائڻ وارين تحريڪن اڳيان لوهي ديوار ٿي بيٺي، بينظير ڀٽو جي شهادت وقت پاڪستان کپي جو نعرو هنيو پوءِ هاڻي توهان کي سنڌو ديش نعري جو ذڪر ڪرڻ جي ڇو محسوس ٿي رهي آهي جيستائين توهان حڪمران آهيو تيستائين سنڌو ديش جو نعرو نه لڳندو اهو اسان کي قوي يقين آهي. پيپلز پارٽي شهادتون ڏنون۽ پاڪستان مخالف تحريڪن کي به ختم ڪيو. اسپيڪر صاحب اوهان ڪميٽي ٺاهيو جنهن جو سربراهه نويد قمر يا خورشيد شاهه کي ڪريو. اسان انهن سان ويهنداسين. گڏجي فيصلو ڪري معاملي کي اڳتي وڌايو ويندو.

Leave A Comment