ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت پيداوار وڌائي آهي: مصدق ملڪ

سيپٽمبر 4, 2024

اسلام آباد: پاڻي معاملن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ ڪارپوريٽ فارمنگ واري منصوبي تي ڳالهائيندي چيو ته ان منصوبي تحت اسان کي في ايڪڙ پيدوار وڌائڻي آهي. پاڙيسري ملڪ ۾ ٿيندڙ زرعي پيداوار ۽ اسان وٽ ٿيندڙ پيداوار ۾ 100 سيڪڙو فرق آهي اسان جا طريقا فرسودا آهن. هن منصوبي تحت جيڪو پاڻي پهچايو ويندو اُن تحت باقي علائقن کان ٻيڻ تي وڌيڪ زمين آباد ڪري  پيداوار حاصل ڪئي ويندي. ڊرپ ايريگيشن ۽ ٻين جديد نظام لاءِ تمام گهڻي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي جيڪا اسان وٽ موجود ناهي. هن منصوبي تحت اها سيڙپڪاري آندي پئي وڃي ڪمپنين کي اِن حوالي سان سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي.

Leave A Comment