چيني شهرين تي حملي ۽ بلوچستان ۾ مسافرن جي قتل جي مذمت: دهشتگردن کي ڪٿي به فعال ٿيڻ نه ڏنو وڃي:ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

اپريل 16, 2024

راولپنڊي(پنهنجي ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيني شهرين تي حملي ۽ بلوچستان ۾ مسافرن جي قتل جي مذمت ڪئي وئي جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن کي ڪنهن به هنڌ فعال ٿيڻ نه ڏنو وڃي

 آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 264هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ چيني شهرين تي حملي ۽ بلوچستان ۾ مسافرن جي قتل جي مذمت ڪئي وئي

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سموري قوم جي حمايت حاصل آهي، پاڪ فوج دهشتگردي کي مستقل طور ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، دهشتگردن کي ڪنهن به هنڌ فعال ٿيڻ نه ڏنو وڃي

آءِ ايس پي آر جي ترجمان موجب فورم پاران فلسطيني عوام سان ٻڌي جو اظهار، غزه ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ جنگي ڏوهن جي مذمت ڪئي وئي

 فورم وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڌُرين ڇڪتاڻ کي تُرت ختم نه ڪيو ته وسيع علائقائي تڪرار جنم وٺي سگهي ٿو

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي