مهانگائي جي ماريل عوام تي هڪ ٻيو بجلي بم ڪيرايو ويو، في يونٽ اگهه ۾ واڌ
آگسٽ 8, 2024
اسلام آباد: حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام مٿان هڪ ٻيو برقي بم ڪيرائي ڇڏيو آهي
ملڪ ۾ بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 56 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي. نيپرا ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي
نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي اگهن ۾ اضافو جون جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي. واڌو لائف لائن گراهڪن ۽ ڪي ايلڪراڪ جي واھپيدارن تي لاڳو نه ٿيندو
نوٽيفڪيشن موجب صارفين کي آگسٽ جي بجلي بلن ۾ اضافي ادا ڪرڻي پوندي
سي پي پي اي نيپرا کان 2 رپيا 63 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي