ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ 2 نوان اقتصادي زون ٺاهڻ ۽ سکر سائيٽ جي توسيع جو اعلان

مَي 25, 2024

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه  ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف شيخ جي اڳواڻي ۾ 15 واپارين جي وفد سان ملاقات ۾ هن هيوي ٽريفڪ جي سهولت لاءِ لياري ايڪسپريس وي تي رنگ روڊ جي تعمير جو اعلان پڻ ڪيو

هن چيو ته واپارين سان ملاقات جو مقصد صنعتڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، سندن شڪايتون ٻڌڻ ۽ صنعتي ترقي لاءِ نوان اڪنامڪ زون ۽ بنيادي انفرااسٽرڪچر ٺاهڻ لاءِ تجويزون حاصل ڪرڻ آهي، صنعتڪارن  نيٽي جيٽي پل تان رش گهٽائڻ لاءِ متبادل پل  تعمير ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي

هن چيو ته اسان هڪ اهڙو گروپ ٺاهڻ وارا آهيون، جيڪو صنعتڪارن کي گڏ کڻي واپار ۽ صنعت جي ترقيءَ لاءِ اڳتي وڌندو ،سنجيده صنعتڪارن کي تحفظ فراهم ڪري سندن صنعتي يونٽ قائم ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪندو

هن چيو ته حڪومت ڪراچي پورٽ کان ملير ايڪسپريس وي وٽان ٿيندي ڪورنگي تائين هڪ هاءِ وي تعمير ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي ته جيئن بندرگاهه کان موٽر وي تائين هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ کي آسان بڻائي سگهجي. ملير ايڪسپريس وي تي ڪم تيزي سان جاري آهي،  انهي جي افتتاح کانپوءِ پورٽ کان ڪورنگي تائين هڪ ٻيو ايڪسپريس وي تعمير ڪيو ويندو ته جيئن سڄي علائقي کي رنگ روڊ بڻائي سگهجي

واپارين ۽ صنعتڪارن اسٽريٽ ڪرائيم تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم سان صنعتي علائقن ۾ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته اسان اسٽريٽ ڪرائيم تي وڏي حد تائين ضابطو آندو آهي،  انهي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي ويندي.  وڏي وزير چيو ته عادي ڏوهارين کي ڪڙي نما جي پي ايس ڊوائيس لڳائي سندن چر پر تي نظر رکي ويندي

ايف پي سي سي آءِ  ميمبرن شڪايت ڪئي ته ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي سست  ۽ پلاٽن جا اگهه وڌيڪ آهن.  اهي اتي ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جي رفتار کان خوش ناهن، هن تي وزيراعليٰ خاطري ڪرائي ته زون جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اجلاس گهرائيندس،   جيستائين زون ۾ پلاٽ جي اگهن جو تعلق آهي ته ان تي غور ڪنداسين،  صنعتڪارن/ خريدارن لاءِ آساني پيدا ڪبي، ھن صنعتڪارن کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾  وڌيڪ 2 اقتصادي زون قائم ڪري رهي آهي، جڏهن ته سکر سائيٽ کي وڌايو پيو وڃي

هن چيو ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ اقتصادي زونن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند صنعتڪارن کي سيڪيورٽي، سموريون سهولتون ۽ ٻيون مراعتون فراهم ڪنداسين. ملاقات ۾ ايف پي سي سي آءِ ميمبرن شڪايت ڪئي ته لياري ايڪسپريس وي تي هيوي ٽريفڪ جي اجازت ناهي، جنهن سبب  ايڪسپريس وي جو استعمال گهٽ ٿي رهيو آهي، جنهن تي  وڏي وزير ٻڌايو ته مون نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سان آڏو مامرو اٿاري کين آڇ ڪئي آهي ته اهي لياري ايڪسپريس وي جي مرمت، سار سنڀال ۽ آپريشن جو ڪم سنڌ حڪومت حوالي ڪن، باقي ٽول اوڳاڙي جو سلسلو پاڻ وٽ رکن، مونکي  اميد آهي ته اهو معاملو جلد حل ٿي ويندو

ملاقات ۾ ايف پي سي سي آءِ  ميمبرن گيس جي شديد کوٽ جي شڪايت ڪندي چيو ته گيس کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪاٺيون ۽ ڪمند جو ڦوڳ استعمال ڪري رهيا آهيون.  وفاقي سرڪار صنعتي گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪئي آهي، جنهن سبب صنعتي پيداوار ڪمرشل طور ممڪن ناهي. وڏي وزير کين يقين ڏياريو ته هو وفاقي حڪومت سان انهن مسئلن تي ڳالهائيندو

ايف پي سي سي آءِ ٻڌايو ته صنعتڪارن کي ڪارگو ڪليئرنس ۽ واپاري سهولتن لاءِ حيدرآباد يا ڪراچي وڃڻو پوندو آهي. سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪسٽم ڊيسڪ قائم ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي. جنهن تي وڏي وزير  کين خاطري ڪرئي ته هو وفاقي حڪومت سان سندن لاڳاپيل ضلعن/علائقن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڳالهائيندو

وڏي وزير ايف پي سي سي آءِ جي نمائندن جي درخواست تي صنعت واري وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي هدايت ڪئي ته صنعتڪارن لاءِ  رابطا ڪاميٽي جوڙي وڃي. جنهن ۾ هڪ ڊي آءِ جي پوليس به شامل هوندو ته جيئن صنعتڪارن جا مسئلا آسانيءَ سان حل ٿي سگهن . مراد علي شاهه ليبر واري وزير شاهد ٿهيم ۽ صنعتن واري وزير اڪرام ڌاريجو کي هدايت ڪئي ته اهي ايف پي سي سي آءِ سان ويجها رابطا رکن ته جيئن سندن مسئلن جي حل کي يقيني بڻائي سگهجي.

Leave A Comment