ڏوڪري جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ ٽيهر خوني جهيڙو، 4 ڄڻا مارجي ويا

مارچ 6, 2024

ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ امام بخش جمالي ۾ ٻن ڌرين ۾ ٽيهر خوني جهيڙو، 4 ڄڻا مارجي ويا، علائقي واسين موجب جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪيءَ تان جاري خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ حاڪم جمالي، شوڪت جمالي، ارباب جمالي ۽ در محمد رند مارجي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي چارئي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا

Leave A Comment