تنقيد بدران اوهان پاڻ به بجلي سستي ڪريو: وفاقي وزير

آگسٽ 20, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي بلن تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، موجوده حڪومت جڏهن کان اقتدار ۾ آئي آهي بجلي بلن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪم ڪيو آهي، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ هڪ يونٽ کان 200 يونٽن تائين بجلي جي صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد پنجاب حڪومت پنهنجي فنڊ مان 45 ارب رپين مان 201 رپيا مختص ڪيا، صارفين کي هڪ يونٽ کان 500 يونٽن تائين سبسڊي ڏني پئي وڃي، هن چيو ته وفاق موجوده صورتحال ۾ جيڪو ڪري سگهي ٿو ڪري رهيو آهي، پنجاب حڪومت به سٺو قدم کنيو، تنقيد بدران ان قدم کي ساراهيو وڃي، سمورين سياسي پارٽين کي نه رڳو ان قدم کي ساراهڻ گهرجي پر ان نموني کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته جلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو پائيدار حل ڪڍيو پيو وڃي.

Leave A Comment