ثقافت کاتي پاران 200 ڏهاڙي ملازمن جي برطرفي جو ليٽر جاري: وزير روڪي ڇڏيو: جاچ حڪم

جُون 21, 2024

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي ثقافت  واري وزير سيد ذوالفقار شاھه پلاننگ مانيٽرنگ اينڊ امپليمينشن سيل سميت کاتي جي مختلف ونگن/ پروجيڪٽس ۾ ڪم ڪندڙ 200 ڏهاڙي ملازمن جي برطرفي روڪي صوبائي سيڪريٽري کي مامري جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، صوبائي وزير صوبائي سيڪريٽري کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته ھڪ ئي وقت 200 ملازمن جي نيڪالي بنا مشاورت جي ڪيئن ڪئي پئي وڃي؟ برطرفين بابت 30 مئي جي تاريخ سان جاري ڪيل ليٽر مان لڳي ٿو ته اهو اڄ يا ڪالهه  ئي  جاري ٿيو آهي، هن  چيو ته 200 ملازمن جي برطرفي سان کاتي جو ڪم متاثر ٿيندو، پ پ جو منشور روزگار ڏيڻ آھي. صوبائي وزير  سيڪريٽري کان ٽن ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ  طلبي اها هدايت به ڪئي آهي ته ڪنهن به ملازم کي آئنده حڪم تائين  نوڪرين مان نه ڪڍيو وڃي ـ

Leave A Comment