حيدرآباد ۾ ڊي اي او سيڪنڊري تي هيسائڻ جا الزام، هيڊ ماسترياڻي پاران سيڪريٽري تعليم کي خط
آڪٽوبر 28, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد ۾ ڊي اي او سيڪنڊري خلاف هيسائڻ جا مختلف الزام، سيڪنڊري اسڪول جي هڪ هيڊمسٽريس ڊي اي او سيڪنڊري عزيز ڏهوٽ خلاف تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي شڪايتي خط لکي ڇڏيو، ڊي اي او پاران الزامن جي ترديد. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي تعليمي ادارن ۾ عورتن خلاف هيسائڻ جا ڪيس وڌي ويا آهن جڏهن ته مختلف سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز تي به اهڙين شڪايتن جو ذڪر ٿي رهيو آهي. تعليم کاتي حيدرآباد جي ڊي اي او سيڪنڊري عزيز احمد ڏهوٽ خلاف هيسائڻ جون مختلف شڪايتون منظر عام تي آيون آهن. چيو پيو وڃي ته هڪ عورت ڪلارڪ کي 2 سال غير حاضر ڄاڻائي کيس سندس فرمائش پوري ڪرڻ تي زور ڀريو ويو جنهن تي مبينا طور عورت ڪلارڪ جي مائٽن آفيس پهچي ڊي اي او سيڪنڊري سان جهيڙو به ڪيو. لطيف آباد جي هڪ هاءِ اسڪول جي هيڊماسترياڻي پاران به ڊي اي او سيڪنڊري خلاف هيسائڻ جا الزام لڳايا ويا آهن. ان هيڊماسترياڻي پاران ڊي اي او جي وائيس ڪال به رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته هن سيڪريٽري ايجوڪيشن کي پڻ هڪ شڪايتي درخواست لکي موڪلي آهي جنهن ۾ هن ڊي اي او سيڪنڊري تي هيسائڻ جا مختلف الزام مڙهيا آهن. رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر سيڪنڊري اعتراف ڪيو ته درخواست پهتل آهي ۽ ان درخواست تي ڊي اي او سيڪنڊري جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته بيان ڏيڻ لاءِ درخواست ڏيندڙ هيڊماسترياڻي کي سومر تي طلب ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل هيڊمسٽريس جي درخواست تي معاملي جي جاچ لاءِ ڊائريڪٽر سيڪنڊري ايجوڪيشن غلام سرور ملاح کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو ان معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪري.
ڊي اي او سيڪنڊري الزامن کي رد ڪري ڇڏيو
حيدرآباد: رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او سيڪنڊري عزيز احمد ڏهوٽ جو چوڻ هو ته سندس خلاف هيسائڻ جا الزام بي بنياد آهن ۽ اهي ماڻهو سندس ميڊيا ٽرائل ڪن ٿا جن کي هن غيرقانوني فائده ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته سندس ڳالهين جا مختلف آفيسر ۽ اسٽاف شاهد آهي ته هن جو رويو پنهنجي ماتحت اسٽاف سان ڪئين هجي ٿو؟ هن 2 وائيس نوٽ به شيئر ڪيا جن ۾ ڊي اي او جي تعريف ڪندي کيس ميڊيا ٽرائل ڪندڙن خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
ڊي اي او سيڪنڊري پاران الزامن بعد هيڊ ماسترياڻي کان معافي طلب
حيدرآباد: تعليم کاتي جي ذريعن موجب اهڙن الزامن کانپوءِ ڊي اي او سيڪنڊري پنهنجي ماتحت آفيسرن سان گڏ وڃي اسڪول جي ان هيڊ ماسترياڻي کان معافي به طلب ڪئي.
ڊي اي او کي هيسائيندڙ شخص جو ايوارڊ ڏنو وڃي: هيڊ ماسترياڻي
حيدرآباد: هيڊماسترياڻي پاران آفيسرن ۽ ماسترن جي ٺاهيل گڏيل واٽس ايپ گروپ ۾ اهو ڪمينٽ به ڪيو ويو آهي ته ڊي اي او سيڪنڊري حيدرآباد کي سنڌ جي بهترين ڊي اي او سان گڏ ملڪ جي بهترين هيسائيندڙ شخص جو ايوارڊ به ڏنو وڃي