ڊي آءِ خان: دهشتگردن جو ججز جي اسڪواڊ تي حملو : 2 پوليس اهلڪار شهيد 2 زخمي

آگسٽ 2, 2024

خيبر پختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ دهشتگردن جو ججز جي اسڪواڊ تي حملو، ججز جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي، سرڪاري نشرياتي اداري پي ٽي وي موجب حملو ڊيرا اسماعيل خان روڊ تي ڀگوال جي ويجهو ڪيو ويو، حملي ۾ جج محفوظ رهيا، شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ سپاهي عبدالله ۽ سپاهي صمد شامل، 27 اپريل تي ٽانڪ مان سيشن جج شاڪرالله مروت کي اغوا ڪيو هو، اغوا ڪيل جج کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ڪارروائي دوران 2 ڏينهن بعد بازياب ڪرايو ويو هو

Leave A Comment