ڏاهري تڪرار: 9 ڄڻن جي قتل جو نبيرو: فتويٰ جاري، ڌرين تي اڍائي ڪروڙ ڏنڊ

آڪٽوبر 9, 2024

ٻانڌي (رپورٽ: طالب حسين) ٻانڌي ويجهو ڏاهري تڪرار تان 9 ڄڻن جي قتل جو نبيرو، فتويٰ جاري، ڌرين تي 2 ڪروڙ 60 لک ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ،  خبر موجب 6 مھينا اڳ ڳوٺ واحد رکيو ڏاھري ۾ 52 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان ٿيل جھيڙي ۾ 9 ڄڻن جي قتل واري معاملي جي نبيري جي محفوظ ڪيل حتمي فتويٰ پ پ اڳواڻ خان محمد ڏاھري ڏئي ڇڏي آھي

جنهن ۾ عبدالڪريم ڏاھري ڌر مٿان 6 خون ثابت ٿيڻ تي في خون 25 لک روپيا مجموعي طور ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ وڌو ويو، جڏھن ته غلام حسين ڏاھري ڌر مٿان 3 خون ثابت ٿيڻ تي 75 لک روپيا ڏنڊ ۽ چئن زخمين جا 35 لک روپيا ڏنڊ لڳايو ويو، مجموعي طور تي ڌرين مٿان 2 ڪروڙ 60 لک روپيا ڏنڊ پيو، نبيري بعد ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو، واضح رهي ته 9 ڄڻن جي قتل جو نبيرو چار ڏينھن اڳ ٻانڌي ۾ پرويز  ڏاھري وٽ خان محمد ڏاھري جي سرپئنچي ۾ ٿيو ھو، جنهن ۾ جهيڙيندڙ ڌرين عبدالڪريم ڏاھري ۽ غلام رسول ڏاھري جون ڳالھيون پاڪ ڪتاب وچ تي رکي ٻڌيون ويون هيون، جنهن بعد فيصلي جي محفوظ ڪيل فتويٰ جاري ڪئي وئي

تڪرار ۾ 9 ڄڻا قتل، 7 عورتون بيواهه ۽ 16 ٻارڙا يتيم ٿيا

ٻانڌي: ڏاهري ڌرين ۾ 52 ايڪڙ زمين جي تڪرار تان مختلف وقتن تي 9 ڄڻا قتل ٿيا، جن ۾ عبدالغني، غلام شبير، غلام قادر، علي مراد، مختيار، مبين، ابراھيم، روشن، بشير ملاح شامل آهن، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جون 7 عورتون بيواهه ۽ 16 ٻارڙا يتيم بڻجي ويا، جھيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ پ پ اڳواڻ پرويز ڏاھري جي قيادت ۾ منٿ ميڙ قافلا ويا ھئا، جنهن بعد ڌرين ٺاهه تي راضپو ظاهر ڪيو، ڌرين منٿ ميڙ قافلن کي مان ڏيندي فيصلي تي آمادهه ٿيون، جنھن بعد فيصلو ڪري ڌرين ۾ ٺاھ ڪرايو ويو

ڌرين تڪرار دوران هڪٻئي خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪرايا

ٻانڌي: عبدالڪريم ڏاھري ڌر جا 3ماڻھو قتل ٿيا ھئا، ڌر پاران پٻجو ٿاڻي تي 22 ڄڻن تي حملي ڪرڻ ۽ 3 ڄڻن جي قتل جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايا ويا ھئا، جڏھن ته ٻئي ڌر پاران غلام رسول ڏاھري ڌر مٿان 6 ڄڻن جي قتل ۽ چئن ڄڻن جي زخمي ڪرڻ جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايا ويا ھئا.

ڌرين ۾ تڪرار جي خاتمي تي علائقي ۾ خوشي جي لھر

ٻانڌي: ڏاهري ڌرين ۾ خوني تڪرار جي خاتمي بعد ڳوٺ واحد رکيو ڏاھري سميت آسپاس جي ڳوٺن ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي، علائقي واسين ۾ تڪرار سبب جيڪا خوف هراس واري ڪيفيت هئي اها پڻ ختم ٿي وئي

Leave A Comment