قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان صورتحال تي بحث نه ٿي سگهيو، حڪومت ڪورم پورو نه ڪيو: اجلاس ملتوي

آگسٽ 28, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان صورتحال تي بحث نه ٿي سگهيو.  قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پ پ ميمبر سيد نويد قمر چيو ته جيڪڏهن اجلاس جو وقت 11:30 آهي ۽ ميمبر وقت تي پهچي وڃن ٿا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لاڳاپيل وزير به جواب ڏيڻ لاءِ موجود هجن. ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيڻ لاءِ ڪو به وزير موجود ناهي. وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيرن کي هِتي هجڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبر اورنگزيب ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڪورم پورو نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي جي ڪاروائي روڪي موجود ميمبرن جي ڳڻپ وارو عمل شروع ڪيو ويو. حڪومت ڪورم لاءِ گهربل 84 ميمبرن جي حاضري کي يقيني نه بڻائي سگهي، ڪورم پورو نه هجڻ تي اجلاس جمعي جي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي ڪارروائي تقريبن 15 منٽن هلي سگهي.

Leave A Comment