جمهوريت لاءِ جهاد ڪبو، عدليه قانوني حڪمراني لاءِ اُٿي پوي، نوازشريف کي روڪيو ويو آهي: عمران خان
سيپٽمبر 13, 2024
راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته عدليه قانوني حڪمراني لاءِ اٿي پوي، جمهوريت لاءِ جهاد ڪنداسين، قاضي فائز اسان مٿان ظلم ڪندڙن کي تحفظ ڏنو. انعام ۾ وري کيس لڳايو ويندو. نواز شريف کي انهن سوڙهو ڪري روڪيو آهي نه ته ڪڏهوڪو ٻاهر ڀڄي وڃي ها، پارٽي تيار رهي، روڊن تي نڪرڻ جو جلد اعلان ڪندس. اسميمبلي م گهڙڻ تي انهن کي شرم به نه آيو، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي تحريڪ جمهوريت لاءِ جهاد آهي. قوم کي چوان ٿو ته اسٽريٽ موومينٽ لاءِ نڪرڻو پوندو، پي ٽي آءِ باني خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صحافين بابت بيان کي اڻوڻندڙ قرار ڏيندي چيو ته علي امين گنڊاپور کي صحافين بابت اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن ها. عمران خان چيو ته علي امين گنڊاپور خطاب دوران جوش ۾ اچي تمام گهڻو ڳالهائي ويو آهي، سندس صحافين بابت ڏنل بيان جي حمايت نه ڪندس.