ڊي ايچ اي کي الاٽ ٿيندڙ هاڪس بي جي ڳوٺن جو ناظر پاران معائنو: انگريز دور جو رڪارڊ پيش
آگسٽ 23, 2024
ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سامونڊي پٽي ۾ واقع هاڪس بي جي 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي الاٽ ڪرڻ واروڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران مقرر ناظر روينيو عملي سان گڏجي ديهه الھه ٻنو جي ڳوٺ حسن فقير، نور محمد ڳوٺ، حاجي محمد ڳوٺ، يعقوب ڳوٺ، محمد علواڻي ڳوٺ، حاجي خيرو ڳوٺ، حاجي ابراھيم ڳوٺ، گل حسن ڳوٺ ديهه مينڌياري ۽ ڇتارا جي مولا داد ڪلمتي ڳوٺ، رمضان ڪلمتي ڳوٺ ،عبدالله ڀنڊ ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو، هن هاڪس بي ۾ هلندڙ اسڪولن جو به معائنو ڪيو، ڳوٺاڻن ناظر کي انگريز دور جو رڪارڊ ڏيکاريندي چيو ته اسان ھتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جا آباد آھيون، ناظر ڳوٺاڻن کان بجلي جا بل گھرائي چيڪ ڪيا, ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏئي وڏي زيادتي ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته ھڪ طرف حڪومت طرفان بنيادي سھولتون نـه پيون ڏنيون وڃن تـه ٻئي طرف اسان جي زمين تي زبردستي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته اسان کي ڪورٽ سڳوري مان انصاف جي اميد آھي،عدالت سنڌ حڪومت طرفان ھاڪس بي ڀرسان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪندي اسان سان انصاف ڪندي،