سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت، روزانو هڪ ڪروڙ 43 لک مڪعب گئس ملڻ جو ڪاٿو

فيبروري 20, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) مطابق سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آھن. او جي ڊي سي ايل پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آھي ته سنڌ جي ضلعي خيرپور مان گئس دريافت ٿي آھي. خيرپور ويل ون جي 3762 ميٽر تائين کوٽائي ڪئي وئي آھي جتان ابتدائي طور تي روزانو ھڪ ڪروڙ 43 لک مڪعب گئس ملڻ جو ڪاٿو آھي. جڏھن ته روزانو 93 بيرل خام تيل به حاصل ٿيندو. واضع رھي ته ان کان اڳ به او جي ڊي سي ايل سنڌ جي ضلعي ٽنڊو الهيار ۾ درس ويسٽ کوھه نمبر 2 مان تيل ۽ گئس جا وسيع ذخيرا دريافت ڪيا ھئا.

Leave A Comment