سنڌ ۽ بلوچستان پاران پاڻي ورڇ تي ارسا ۾ هڪئي موقف رکڻ تي اتفاق
آگسٽ 21, 2024
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ۽ بلوچستان پاران پاڻي ورڇ تي ارسا ۾ هڪئي موقف رکڻ تي اتفاق، ان ڏس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي آبپاشي کاتن جو وڊيو لنڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بلوچستان جي آبپاشي وزير صادق عمراڻي ۽ سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي متعلق بريفنگ ڏني، ٻنھي صوبن پاران ارسا جي پليٽ فارم تي پاڻي ورڇ واري فارمولي تي ھڪئي موقف اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، پارٽي چيئرمين ٻنھي وزيرن کان برساتي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن متعلق تفصيل طلب ڪيا، ٻنھي وزيرن پنهنجي پنهنجي صوبن جي صورتحال متعلق آگاھي ڏني، بلاول ٻنھي وزيرن کان برسات سبب شاخن توڙي ڪئنالن جي متاثر ٿيڻ ( گهارن ) بابت پڻ پڇا ڳاڇا ڪئي، ٻنهي صوبائي وزيرن شاخن کي پھتل نقصان ۽ انھي جي پورائي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاھي ڏني ـ