تعليمي ڪارڪردگي بابت ضلعي رينڪنگ رپورٽ رد: ڄاڻي واڻي سنڌ کي هيٺ ڏيکاريو ويو: سردار شاهه

سيپٽمبر 26, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان جي ضلعي ايجوڪيشن پروگرام انڊيڪس رپورٽ تي سخت اعتراض، خالد مقبول صديقي تي سنڌ جي تعليمي بهتري لاءِ ڪردار ادا نه ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. سردار شاھ چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ هڪ کان 4 گريڊ تائين 18 هزار جايون خالي آهن، جن تي جلد ڀرتي ڪئي ويندي

ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھه، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي وزير محمد علي ملڪاڻي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسلام آباد جا ادارا زميني حقيقتون ڄاڻڻ کانسواءِ “ڊيسڪ اينالسٽ” جو ڪردار ادا ڪن ٿا، حقيقتون ڄاڻڻ بنا ڄاڻي واڻي سنڌ کي هيٺ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. جيڪا سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام سان ناجائزي آهي

هن چيو ته پلاننگ ڪميشن هڪ طرفي رپورٽ جاري ڪري ان ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ اسڪول انفرااسٽرڪچر خراب حالت ۾ آهن، اسان پاڻ اڳ ئي چئي رهيا آهيون ته سنڌ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري 20 هزار اسڪول متاثر ٿيا آهن. قدرتي آفتن جي ڪري اسان جو تعليمي ڍانچو متاثر ٿيو آهي، ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري به دورو ڪيو، انفرااسٽرڪچر کي ھن مھل ڪارڪردگي ۾ شامل ڪرڻ بي بنياد ھو

هن وڌيڪ چيو ته پلاننگ ڪميشن وارن کي ڪيترين ئي ڳالھين جي خبر ئي ناھي، سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي جنهن جي نصاب بابت يونيسيف جي غير جانبدار تجزيي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جو نصاب پوري ملڪ جي نصاب کان بهتر ۽ جامع آهي. اسان پنهنجي نصاب ۾ ثقافتي پهلو شامل ڪيا، جڏهن ته ٻارن کي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا، سنڌ ۾ سڀني مذهبن جي ٻارن کي سندن مذهب جي تعليم ڏيڻ لاءِ نصاب جوڙيو ويو آهي. سنڌ ۾ ٽرانسجينڊر ايجوڪيشن پاليسي ٺاهڻ وارو پهريون صوبو آهي

صوبائي وزير سردار شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ميرٽ تي 60 هزار استادن جي ڀرتي واري عمل ۾ مڪمل شفافيت کي يقيني بنائڻ واري پهلو ڪنھن به صورت نظرانداز نه ڪيو ويو. پنجاب جي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آهي، خيبرپختونخواهه جا اسڪول خالي آهن پر ان تي ڪا واضح ڳالهه ناهي ڪئي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ يونيسڪو پاران 50 ملڪن جي استادن جي ٽيسٽ جو انتظام ڪيو ويو هو، جن ۾ پاڪستان جا 8 استاد ڪامياب ٿيا، جن مان پهرين نمبر تي سنڌ جي ضلعي سجاول جي فيميل استاد پهرين نمبر تي آئي، جڏهن ته ٽاپ ٽين ۾ 2 ٻين استادن جو تعلق به سنڌ سان آهي

صوبائي وزير تعليم چيو ته پلاننگ ڪميشن جي پنهنجي رپورٽ اها چوي ٿي ته سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعي پنجاب جي اڌ کان وڌيڪ ضلعن ۽ خيبرپختونخواهه جي سڀني ضلعن کي پوئتي ڇڏيندي ڪارڪردگي جي لحاظ کان 69 نمبر حاصل ڪيو آهي. نوشهرو فيروز پنجاب جي 70 سيڪڙو ضلعن کان لرننگ آئوٽ ڪمز ۾ اڳتي آهي

ان موقعي تي وزير يونيورسٽيز محمد علي ملڪاڻي چيو ته هن سال جا پيپر پراڻي طريقي سان ئي چيڪ ڪيا ويا آهن. اسان جي ڪوشش هوندي ته ايندڙ امتحان مارچ يا اپريل ۾ منعقد ڪرايا وڃن ۽ ايندڙ سال اسان ٽي يا چار پيپرن ۾ اي مارڪنگ ۽ او ايم آر شيٽس لاڳو ڪنداسين

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بورڊن جي چيئرمين جا ڪيس عدالت ۾ هلي رهيا آهن، اڄ به يونيورسٽيز عدالت ۾ موجود ھو اسان کي 10 آڪٽوبر جي تاريخ ملي آهي، اميد آهي ته عدالت جا ڪيس جلد ختم ٿي ويندا، ۽ بورڊ جا سربراھ جلد مقرر ٿيندا

 

Leave A Comment