تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

نياڻي جي واپسي ۾ سردار رنڊڪ آهن، کين گرفتار ڪرڻ سان ملي ويندي: والدين

ٺل جي فضيلا سرڪي جي بازيابي خواب، والدين جو 10 سالن کان احتجاج، پوليس جا وڏا آفيسر به ناڪام

ڳڙهي حسن مان 5سال اڳ اغوا ٿيل نينگر بازياب نه ٿيو، احتجاج

ٺل:سرڪاري گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر.نوجوان زخمي

شھرين گاڏي کي گھيري ورتو.سرڪاري گارڊن ھٿيار تاڻي ورتا.ٻنھي ڌين ۾ ٺاھ ٿي ويو. پوليس

ٺل: نينگر کي گاڏيءَ جو ٽڪر هڻي فرار ٿيندڙ ايڪسيئين سوگهو، ايم پي اي سهراب سرڪي جي ڀاءُ ايڪسيئن کي ڇڏائي ورتو

گاڏي روڪڻ تي ايڪسيئن جي گارڊز ۽ پوليس اهلڪار شهرين کي داٻا ڏيندا رهيا

ٿاڻي تي شهرين ۽ ايڪسيئن ۾ ڳالهيون، آبپاشي انجنيئر لياقت سرڪي ايڪسيئن کي ڇڏايو

ٺل (ن پ ا) ڊيرا مراد جمالي جو ايڪسيئن نذير لاکٽي ٺل ۾ نوجوان کي گاڏيءُ جو ٽڪر هڻڻ بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته شهرين کيس سوگهو ڪري ورتو. شهرين طرفان گاڏي روڪڻ کانپوءِ ايڪسيئن جا گارڊز توڙي سندس سيڪيورٽي اسڪواڊ ۾ شامل پوليس اهلڪار شهرين سان وڙهي پيا. ايڪسيئن جي گارڊز، پوليس اهلڪارن ۽ شهرين وچ ۾ ڪيتري ئي دير تائين جهيڙو هلندو رهيو، جنهن بعد ڌُريون ٺل ٿاڻي تي پهتيون. ايڪسيئن ۽ سندس گارڊز موقف هو ته گاڏيءَ غلطي مان لڳي آهي، پر اسان فرار نه ٿي رهيا هئاسين. جڏهن ته شهرين جو چوڻ هو ته ايڪسيئن ڄاڻي واڻي وچ شهر ۾ تيز رفتاري سان گاڏي هلائي ۽ نينگر کي ٽڪر لڳڻ بعد کيس اسپتال منتقل ڪرڻ بدران پاڻ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اُن دوران ايم پي اي سهراب سرڪي جو ڀاءُ ۽ آبپاشي انجنيئر لياقت سرڪي پهچي نينگر کي ٽڪر هڻندڙ ايڪسيئن جي جان ڇڏائي. جڏهن ته شهرين کي خالي دلاسا ڏئي خاموش ڪرايو ويو.

ٺل: زمين جي تڪرار تان جوابدارن گھر تي حملو ڪري پيرسن جا ڏند ڀڄي ڇڏيا

ٺل: درگاھ جي قبرستان واري زمين تي قبضي خلاف فقير جو ٻارن سميت احتجاج

ڳڙهي خيرو: ”لاکي پير“ نالي قدرتي چشمي تي وڏي انگ ۾ ماڻهن جي آمد، مريض به اچن ٿا

قدم قدرتي چشمي مان پهاڙين جو پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو، خارش جا مريض چشمي جو پاڻي پيئن ٿا

چشمي تي سياح يا مريض 3 کان 4 ڏينهن رهي پوءِ واپس ويندا آهن، پيچرا پٿريلا آهن

ڦل واسي جو اباڻي ملڪيت مان حصو نه ڏيڻ تي ڀائرن خلاف احتجاج

”ڳڙهي خيري ۾ واپڊا عملدارن جو ڪمال“ بجليءَ جون تارون لڪڙن تي ٽنگي ڇڏيون

دوداپور فيڊر جا پول ڪري پوڻ بعد عملدارن بجلي جون تارون لڪڙن تي ٽنگي ڇڏيون آهن: شهري

خوف آهي ته ڪو حادثو نه پيش اچي، عملدارن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪتو: شهري

جيڪب آباد ۾ قلات جو بااثر نوجوان هٿيارن ۽ باڊي گارڊن سميت گرفتار

آصف زرداري گرفتار ٿيو ته عوام وٽ وينداسين: اعجاز جکراڻي

جي آءِ ٽي نئين ڳالهه ناهي، پ پ خلاف هميشه سازشون ٿينديون رهيون آهن

اڳ به آصف زرداري کي بي گناهه يارهن سال قيد رکيو ويو، ان جو احساب ڏنو وڃي

جيڪب آباد شهر ۾گئس جي لوڊشيڊنگ، شھري پريشان، احتجاج

ڳڙهي خيري ۾ جديد طريقي سان گڏهن جي حجامت ڪندڙ ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل

خميسو ٻرڙو ڪجهه عرصي کان موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي گڏهن جي بُت تي وڌي ويل وار لاهي ٿو

ماڻهو گڏهن کي وٺي ايندا آهن ته کين حجامت ڪري صاف سُٿرو بڻايان: خميسو ٻُرڙو

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيري ۾ ڊگهي عرصي کان گڏهن جي حجامت ڪندڙ شخص ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهي. خميسو ٻرڙو پهرين گڏهن جي حجامت ڪندو هو پر ڪجهه عرصي کان هو موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي گڏهن جي حجامت ڪري ٿو. خميسي ٻرڙي جو چوڻ آهي ته شهر جا ماڻهو حجامت لاءِ گڏهه وٺي ايندا آهن ۽ هو معمولي پئسن تي گڏهن جي بُت تي وڌي ويل وار لاهيندو آهي. واضح رهي ته اداڪار عامر خان جي فلم ”ٿري ايڊيٽ“ ۾ به عامر خان سائنسدانن جي هڪ اڪيڊمي کوليندو آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙو سين به نظر ايندو آهي، جتي ٻاررا موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي جانورن جي حجامت ڪندا آهن.

ڪچي پل شهر ۽ آسپاس ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو

مختلف ڳوٺن ۾ رڍن ۽ ٻڪرين سميت جانورن کي ڪتا ڏاڙهڻ لڳا

رولو ڪتا ٽولن جي صورت ۾ گهمڻ لڳا، شهري سخت پريشان