تازا ترين
  • *حڪومت صادق سنجراڻي کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين لاءِ اُميدوار طور نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو -وزيراعظم عمران خان اڄ قوم کي خطاب ڪري رهيو آهي، وزيراعظم طرفان اهم اعلان جا امڪان *صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر تي طلب ڪري ورتو: ذريعا*
  • *لاهور: شهباز شريف جي فيملي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت پاران شهبازشريف کي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، جيل سپرنٽينڊنٽ کي نوٽيس جاري*
  • *حيدرآباد مان دڪاندارن کان ڦرلٽ، ٻن شهرين جون موٽرسائيڪلون چوري *ناج منڊي ۾ ٽن ڦورن جي سرهندي ٽريڊرز تي ڪاهه دڪاندار عبدالحميد ۽ ٻين کي يرغمال بڻايو *ڦورو دڪاندارن کان سوا لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻه موبائيل فون ڦر ڪري فرار *هريش ڪمار ۽ آصف قريشي جون موٽرسائيڪلون چوري، جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس*
  • *حيدرآباد: قاسم آباد ۾ هٿياربندن پاران پئٽرول پمپ تان ڦرلٽ، مزاحمت تي چوڪيدار سخت زخمي *هٿياربندن ڦرلٽ دوران مزاحمت تي چوڪيدار ليمن پٽ يوسف شورو کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا: پمپ مالڪ *چوڪيدار تي پراڻي دشمني تان حملو ٿيو، کيس 3 گوليون لڳيون آهن: نسيم نگر پوليس*
  • *رتوديرو: شهداد ڪوٽ روڊ تي ٻوسڻ پيٽرول پمپ ڀرسان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل*
  • *درياءَ خان مري ويجهو باهه لڳڻ سبب چار گهر سڙي رک، 2مينهون ۽4 ٻڪريون به سڙي مري ويون *ڳوٺ خان محمد وڳڻ ۾ باهه سبب رانجهن، پنهل، مجن ۽ امتياز وڳڻ جا گهر سڙي ويا *باهه سبب 2مينهون، 4 ٻڪريون ۽ هڪ گڏهه سڙي مري ويو، کليل آسمان هيٺ ويٺا آهيون: متاثر *
  • *بخشاپور: گبلو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس اٽالن جو ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن *ڊي ايس پي بخشاپور جي اڳواڻي ۾ ٽن ٿاڻن جي پوليس پاران اي پي سي چين سميت سرچ آپريشن *آپريشن دوران ڏوهارين ببي عرف مسڪان بنگوار ۽ سائو بنگوار جون اوطاقون ڊاهيون ويون: پوليس*
  • *نوابشاهه ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ ڊاڪٽر سوها بلوچ کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو *بلوچ برادريءَ جا ماڻهو وڏي انگ ۾ عدالت ٻاهران پهچي ويا، پوليس سان چڪرين دوران 8 ڄڻا زخمي *پوليس سان چڪرين ۾ هڪ اهلڪار، ٻارڙي ۽ ٽن عورتن سميت 8 زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل*
  • *لاڙڪاڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مرڻينگ، چانڊڪا اسپتال منتقل *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ ٺارو ديرو واسي 22 سالن جو صدام پٽ سڪندر جکڙ زخمي ٿي پيو *صدام کي سجاد جکر، ذوالفقار جکر ۽ ٻين فائرنگ ڪري زخمي ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: زخمي جو ڀاءُ*
  • *ڏهرڪي جي ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙ17 شاگرد بخار ۾ وٺجي ويا *ڪاليج انتظاميه شاگردن کي گهر موڪلي هاسٽل کي تالا لڳائي ڇڏيا*

ڪوٽڙي: کاڻوٺ واري علائقي ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ تان قتل ٿيل جوڙي جي قبرڪشائي

ڪوٽڙي ۾ مال گاڏيءَ جي هڪ بوگيءَ کي باهه، فائر برگيڊ طلب

ٿاڻو بولا خان ۾ چوري جو الزام مڙهي ٻن نوجوانن تي وحشياڻو تشدد ۽ تذليل

سنڌ ۾ رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا بدستور برقرار:ڄامشورو ۾ ڇتي ڪتي ڏاڙهڻ سبب معصوم ٻارڙي فوت

سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ ڇتي ڪتي ٻارڙي ايمان سهتو کي ڏاڙهيو

ٻارڙي لمس اسپتال ڄامشورو ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو

ڪوٽڙي: وزيران ڇڇر قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس حتمي چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

نوري آباد ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي، هڪ عورت فوت، 5 ڄڻا زخمي

سيوهڻ بوٽيفڪيشن پلان تي عمل نه ٿيو، شهر جا روڊ رستا نه ٺهيا، ٽريفڪ جام معمول

قلندر جي نگري ۾ روڊن جي حالت خراب، زيارت لاءِ ايندڙ پانڌيئڙن کي سخت ڏکيايون پيش اچڻ لڳيون

ڪوٽڙي ويجهو معصوم ٻارڙي پاڻي جي بالٽي ۾ ڪِري ٻڏي فوت

ناليوارو ڊراما نويس، شاعر ۽ اداڪار پروفيسر عاشق عارباڻي هميشه لاءِ موڪلائي ويو!

عاشق عارباڻي جي دل جي تڪليف سبب سول اسپتال حيدرآباد ۾ دم ڏنو

عاشق عارباڻي سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري سان گڏ ڪيترائي گيت پڻ ڳاتا هئا

ڄامشورو:سوٽا جي چونڊن ۾ صوفي پروگريسو پئنل ميدان ماري ويو

مانجهند ڀرسان قتل ڪيل وزيران ڇڇر ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ويو

مبارڪپور ٿاڻي جي حد مان ٻه نينگريون مبينا اغوا، انگ وڌي 4 ٿي ويو

ڄامشورو: ڀريا وليج ۾ ناري سان مبينا ڏاڍائي جو انڪشاف، ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل، جوابدار سوگهو

طارق ڪانڌڙو اسان جي ايزي لوڊ جي دڪان تي ڪم ڪندو هو مائٽي هجڻ سبب گھر اچڻ وڃڻ هو:ڀاءُ

ڀيڻ مسمات زليخان جي طبيعت خراب ٿي، ڊاڪٽر ٻڌايو ته زليخان کي 35 هفتن جو ٻار آهي:ناري جو ڀاءُ

ڄامشورو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اڳوڻي وائيس چانسلر فتح محمد برفت جي رٽائرمينٽ کان اڳ ٿيل ڀرتيون غير قانوني قرار

وائيس چانسلر صديق ڪلهوڙي کي جوڙيل ڪميٽي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي

جاچ ڪميٽي برفت جي دور ۾ 50 کان وڌيڪ نوڪرين وارا آرڊر غير قانوني قرار ڏنا