بدين انتظاميا ماڻهن کي ڪئمپن ۾ لاوارث ڇڏي ڏنو:ٻارڙن جون ماني لاءِ دانهون

جُون 13, 2023

بدين(رپورٽر) بدين انتظاميا ساحلي علائقن مان آندل ماڻهن کي ڪئمپن ۾ لاوارثن وانگر ڇڏي ڏنو آهي جٿي هو کاڌو پيتو نه ملڻ جون دانهون ڪري رهيا آهن

بدين انتظاميه پاران سامونڊي طوفان جي شدت اچڻ کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر بدين شفيق احمد آريسر ۽ مختيار ڪار بدين عمر ميمڻ، رينجرز  اھلڪارن ۽ پوليس عملي سان گڏ  مزدا ۽ سوزڪيون گاڏيون کڻي ساحلي پٽي پھچي ڳوٺاڻن کي زبردستي ڳوٺن کان نڪري ڪيمپن ۾ ھلڻ لاءِ ڪوششون ڪيون

 ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو  ته اسان ڪيمپن ۾نه ھلنداسين ڪيمپن  ۾ منتقل ڪرڻ بعد کاڌ کوراڪ سميت پاڻي به نٿو ڏنو وڃي تنھن ڪري اسان پنھنجن جھوپڙين ۾ ئي رھنداسين پرانتظاميا  ڪجھ خاندانن کي زبردستي گاڏين ۾ ويھاري ڪيمپن ڏانھن پهچايو

بدين انتظاميه پاران گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ڀڳڙا ميمڻ ۾ قائم ڪيل ڪيمپ ۾ 200 جي لڳ ڀڳ متاثر پھچايا ويا آھن جن کي آڻڻ بعد انتظاميا ننڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏنو آهي

ساحلي پٽي جي  متاثر ماڻھن ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته انتظاميا اسان جي ماھيگرن کي سمنڊ مان واپس موٽائڻ لاءِ ڪا به مدد ناھي ڪئي ۽ ڪيمپن ۾ اسان کي نه کاڌ کوراڪ ٿي ملي نه پاڻي ٿو ملي انتظاميه ڪا به واھر نٿي ڪري

ھوڏانھن متاثرن احمد گندرو، محمد حسن، مسمات سليمت ۽ ٻين پنھجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جي ٻچن کي ڪيمپ ۾ نه کاڌو نه پاڻي مليو آھي ۽ نه وري مردن عورتن توڙي ٻارڙن لاءِ واش رومن جي سھولت آھي، معصوم ٻارڙا ماني لاءِ رڙيون ڪري ۽ روئي رھيا آھن

بدين جي ڪيمپن ۾ پهتل  متاثرن مان ڪيترائي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن جن جي علاج لاءِ ڪا به طبي ڪيمپ ناھي لڳائي وئي

Leave A Comment