جيڪب آباد: آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيل 55 استاد گوسڙو نڪتا: لسٽ پڌري

نومبر 7, 2023

جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيندڙ نوان استاد به گوسڙو نڪتا، سي ايم او گوسڙو بڻيل 55 استادن جي لسٽ پڌري ڪري ڇڏي، ڊي اي او پرائمري سي ايم او جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، حاضر ٿيل استادن کي غيرحاضر ڪرڻ جا الزام، خبر موجب جيڪب آباد ضلعي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيل نوان استاد به گوسڙو نڪتا آهن، سي ايم او پاران پڌري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوان ڀرتي ٿيل 55 استاد گوسڙو آهن، جن مان 43 استادن ڀرتي کانپوءِ ڪڏهن به اسڪول جو منهن ئي ناهي ڏٺو، گوسڙو بڻيل استادن ۾ 24 فيميل ٽيچرز به شامل آهن، ان سلسلي ۾ سي ايم او جيڪب آباد غلام محي الدين ٻرڙو ٻڌايو ته نوان ڀرتي ٿيل 55 استاد گوسڙو آهن، انهن خلاف ڪاروائي لاءِ رپورٽ ڊي جي مانيٽرنگ ايويوليشن، سيڪريٽري تعليم سميت لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪلي وئي آهي، هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جيڪب آباد پريل شيخ سي ايم او جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته نون ڀرتي ٿيل استادن جي اڃا تائين بائيو ميٽرڪ ئي ناهي ته اهي گوسڙو ڪيئن ٿيا، هن چيو ته بائيو ميٽرڪ نظام ۾ خرابي آهي، جنهن سبب حاضر رهندڙ استادن کي به گوسڙو ڄاڻايو وڃي ٿو، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ذريعي ڀرتي ٿيندڙ سڀ نوان استاد پابندي سان ڊيوٽيون ڪن ٿا.

Leave A Comment