حيدرآباد اسپتال جي گڙدن واري وارڊ ۾ باهه ڪيئن لڳي؟ جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

نومبر 8, 2023

حيدرآباد: سول اسپتال جي گڙدن واري  وارڊ ۾ لڳل باهه واري واقعي جي جاچ  لاءِ 4 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي

ايم ايس نيفرو ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين  ڊاڪٽر پورن ڪمار جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ڪميٽي ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ  ڊاڪٽر منير احمد شيخ، ڊاڪٽر محمد علي شيخ ۽ علي گوهر ميمبر طور شامل آهن

ايم ايس ڊاڪٽر شاهد اسلام جوڻيجو موجب ڪميٽي واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري  48ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ فراهم  ڪري

Leave A Comment