دادو جي سبزي منڊي ۾ پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏيندڙ پورهيت فوت

سيپٽمبر 12, 2023

دادو ( رپورٽر ) دادو جي نيو سبزي منڊي ۾ مبينا طور پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندڙ پورهيت ديدار پٽ خدا بخش ٻٻر نوابشاھ اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو ٿي ويو آهي

 سڙي زخمي ٿيل پورهيت کي نوابشاھ اسپتال مان برنس وارڊ حيدرآباد ريفر ڪيو هو پر ايمبولنس نه ڏيڻ سبب زخمي پورهيت بوابشاھ اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو

 فوتي جو مڙھ دادو آڻڻ بعد ڪي اين شاھ جي ڳوٺ بيد نيو ويو آهي ، سبزي منڊي ۾ مزدوري ڪندڙ پورهيتن ٻڌايو ته ديدار ٻٻر سبزي منڊي ۾ مزدوري ڪندو هو ، ڪجھ ڏينهن پريشان رهندو هو

ديدار سومر ڏينهن مجهند جو پنهنجي مٿان پئٽرول هاري پاڻ کي باھ ڏني ، موجود مزدورن کيس لڳل باھ وسائي زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو هو

Leave A Comment