سانگهڙ بار جي صدر تي ڪرپشن ثابت نه ٿي، الزام مڙهيندڙ درخواست کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

مَي 17, 2023

سانگهڙ( رپورٽر) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ سنيل ڪمار پڙهيار مٿان ڪرپشن جو الزام ڪوڙو ثابت الزام مڙهيندڙ ملڪ مشتاق عدالت سڳوري ۾ پنهجو حلفيه بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته منهجي سنيل ڪمار سان ڪابه ڏيتي ليتي نه آهي نه وري مون ڪابه درخواست بار کي ڏني آهي منهجي ڪوڙي صحيح ڪري ڪجهه وڪيلن ۽ آفيس عملي بار جي صدر سنيل ڪمار سان ذاتي رنجش جي ڪري سازش ڪئي  جيڪا غلط آهي ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري  غير قانوني جنرل باڊي جو اجلاس گهرائي جنهن جو متن اهو ڏئي سازش ڪئي ته ملڪ مشتاق طرفان بار کي هڪ درخواست موصول ٿي آهي جنهن ۾ بار جي صدر ايڊووڪيٽ سنيل ڪمار پڙهيار کائنس رشوت طلب ڪئي آهي جنهن تي چند  وڪيلن  صدر کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو  جيڪو سنڌ بار ڪائونسل  ڪالعدم ۽ غلط قرار ڏنو ۽ جنرل سيڪريٽري کي اهڙي غير قانوني عمل ڪرڻ تي جواب طلب ڪيو ويو.ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي صدر بار ايڊووڪيٽ سنيل ڪمار پڙهيار ٻڌايو ته آئون اليڪشن کٽي صدر بڻيو آهيان چند مخالف وڪيل  اهڙي سازشن سان مونکي هيسائڻ چاهين ٿا پر منهجي ڪردار تي ڪوبه داغ نه آهي ۽ آئون ٻار جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ وڪيلن جي وڏي اڪثريت مون سان گڏ آهي ۽ مخالفن جون سازشون ناڪام ٿينديون رهنديون.

Leave A Comment