مٽياري جي مال پڙي ۾ رش، جانورن جا اگهه ٻڌي خريدار پريشان

جُون 25, 2023

مٽياري (رپورٽ: ڪامران ميمڻ) مٽياري ۾ عيد ويجهو ايندي ئي مال پڙي ۾ رش وڌي وئي، مهانگائي سٽيل ماڻهو جانورن جا اگهه ٻڌي پريشان ٿي ويا

خريدارن چيو ته هڪ طرف مهانگائي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ٻي پاسي جانورن جا اگهه آسمان تي پهتل آهن

مالوندن چيو ته چوپائي مال جي پالنا ۾ تمام گهڻو خرچ ٿئي ٿو، جنهن ڪري اگهه وڌايا آهن، وڌيڪ اگهه هجڻ ڪري جانورن جو وڪرو گهٽ رهيو

Leave A Comment