ٽنڊو محمد خان ضلعي ڪائونسل چيئرمين لاءِ ذيشان شاهه جي نالي تي اتفاق: وائيس چيئرمين جو فيصلو نه ٿي سگهيو

جُون 1, 2023

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ امتياز مڱريو ) ٽنڊو محمد خان ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ تي اڳوڻي صوبائي وزير سيد قبول محمد شاھ جو فرزند سيد محمد سعيد عرف ذيشان شاھه جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته وائيس چيئرمين لاءِ 2 اميدوار هجڻ سبب فيصلو نه ٿي سگهيو

 پنهنجي اخبار کي مليل پ پ جي ذميوار ذريعن موجب پارٽي قيادت وٽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ تي وفاقي وزير سيد نويد قمر جي ويجهي عزيز سيد ڪشف الحسين شاھ ، پير عاقب جان سرهندي ، ازمير ٽالپر ، پير احمد سعيد جان سرهندي درخواستون پڻ جمع ڪرايل آهن

پ پ جي قيادت پاران ٽنڊو محمد خان ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ واري سيٽ تي اڳوڻي ضلعي چيئرمين سيد محمد سعيد عرف ذيشان شاھه جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو جنهن جو فيصلو جلد ڪيو ويندو

وائيس چيئرمين لاءِ سرهندي خاندان جي اهم شخصيت پير سجاد جان سرهندي جو فرزند پير عاقب جان سرهندي ۽ پ پ اڳواڻ غلام مصطفي جت  جا نالا سامهون اچڻ سبب فيصلو نه ٿي سگهيو آهي

ٻئي طرف ضلعي اندر اهي پڻ قياس آرائيون پڻ ڪيون پيون وڃن ته اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن ٻاهرين شخصيت مان به ڪو سياسي ماڻهو ضلعي چيئرمين ٿي سگهي ٿو

Leave A Comment