ٿرپارڪر جي ڊي سي رليف ڪيمپن لاءِ سامان گهري ورتو

جُون 12, 2023

مٺي ( رپورٽر) ٿرپارڪر ۾ سامونڊي طوفان واري صورتحال سبب ضلعي انتظاميا الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، 25 هزار ماڻھو متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي

ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنر لال ڏنو منگي اختيارين کي خط لکي سامونڊي طوفان جي امڪاني نقصانن کان بچڻ لاءِ فوري سامان فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي

ڊپٽي ڪمشنر اين ڊي ايم اي ۽ ٻين اختيارين کي خط لکي 6 هزار خيما، جنريٽر ۽ ٻيو سامان ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي، ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ اينگرو ڪمپني کان گاڏين جي  به گهر ڪئي وئي آجي

ڊپٽي ڪمشنر لال ڏنو منگي جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ سمنڊ جي ويجهن ڳوٺن کي خطرو آهي جتان ڳوٺاڻن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ  قدم کنيا ويا آهن، 25 هزار ماڻو متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي جن لاءِ رليف ڪيمپون قائم ڪيون پيو وڃن

Leave A Comment