ڪراچي کي 2 ڊويزنن ۾ ورهائڻ ۽ ٿاڻو بولاخان ملائي نئون ضلعو گڏاپ ٺاهڻ جون تياريون

سيپٽمبر 2, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار 7 ضلعن تي ٻڌل ڪراچي ڊويزن کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ، هڪ نئون ضلعو ۽ موجوده 25 ٽائونن کي وڌائي 38 ٽائونن ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٿاڻو بولا خان  به ڪراچي جو حصو بڻبو،  ان ڏس ۾ باخبر زريعن کان مليل ڄاڻ موجب بورڊ آف روينيو مڪاني کاتي ۽ سنڌ پوليس جي اختيارين جي صلاح مشوري سان ڪراچي جي نئين جوڙجڪ جو ابتدائي خاڪو جوڙي ورتو آهي. ذريعن موجب ڪراچي شهر کي ٻن ڊويزنن ڪراچي 1 ۽ ڪراچي 2 ۾ ورهايو ويندو. ڪراچي 1 ڊويزن ۾ ڪراچي اولهه (نئون نالو ناظم آباد ضلعو) ڪراچي ويسٽ (اورنگي ضلعو) ڪياماڙي ضلعو ۽ ملير مان پيدا ٿيل گڏاپ ضلعو شامل هوندا. جڏهن ته ڪراچي 2 ڊويزن  ۾ وري ڪراچي سائوٿ (صدر ضلعو)، ڪراچي ايسٽ (گلشن ضلعو)، ڪورنگي ضلعو ۽ ملير ضلعو شامل هوندا. ذريعن موجب نئين سيٽ اپ ۾ ملير ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورهايو پيو وڃي، نئين ٺهندڙ گڏاپ ضلعي ۾ ڄامشوري ضلعي جي ٿاڻي بولا خان کي شامل ڪيو ويندو. ذريعن موجب ڪراچي سينٽرل (ناظم آباد) ۾ ساڳيا 5 ٽائون گلبرگ، ناظم آباد، نارٿ ڪراچي، لياقت آباد ۽ نيو ڪراچي شامل هوندا. جڏهن ته ڪراچي ويسٽ (اورنگي ضلعي) ۾ اورنگي، مومن آباد، منگهو پير ۽ سرجاڻي، ڪياماڙي ضلعي ۾ سعيد آباد، بلديا ٽائون، ماڙي پور ، ڪياماڙي ۽ سائيٽ ٽائون شامل ڪيا ويندا، ملير مان جڙندڙ گڏاپ ضلعي ۾ سهراب ڳوٺ، صفوران، گڏاپ، بحريا ٽائون ۽ ٿاڻو بولا خان شامل ڪيا ويندا. جڏهن ته ڪراچي ڊويزن 2 جي ڪراچي سائوٿ (صدر ضلعي) ۾ 2بجاءِ 7 ٽائون  صدر، گارڊن، کارادر، لياري، چاڪيواڙا، ڪلفٽن  ۽ ڊفينس ٽائون ٺهندا. جڏهن ته ڪراچي اوڀر (گلشن ضلعي) ۾ جناح، چنيسر، گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر شامل رهندا. ڪورنگي ضلعي ۾ ڪورنگي، لانڍي، شاهه فيصل، ماڊل کانسواءِ ابراهيم حيدري کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ملير ضلعي ۾ رڳو قائدآباد، بن قاسم ۽ مراد ميمڻ ٽائون شامل ڪيا ويندا

ڀنڀور ڊويزن ۽ ماتلي ضلعي جي تجويز فائلن حوالي

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران بدين کي ورهائي ماتلي کي الڳ ضلعي جو درجو ڏيڻ ۽ لاڙ پٽ جي 5 ضلعن ٺٽي، سجاول ، بدين،  ماتلي ۽ ٽنڊي محمد خان تي ٻڌل ڀنڀور ڊويزن ٺاهڻ واري تجويز رولڙي جو شڪار ٿي وئي

ملير: تازي جڙيل بحريا ٽائون کي الڳ ٽائون جو درجو ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: ملير جي گڏاپ ٽائون ۾ تازي جڙيل بحريا ٽائون کي الڳ ٽائون جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

تاريخي ڪردار مورڙي مير بحر جي نالي سان ٺهيل ٽائون ختم!

ڪراچي: ڪراچي جي تاريخي ڪردار مورڙي مير بحر جي نالي سان ڪامياڙي ضلعي ۾ ٺاهيل ٽائون جو نالو بدلائي سائيٽ ٽائون ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي

سنڌ پوليس جا ڪراچي ۾ اڳ ۾ ئي 8 ضلعا موجود: سائوٿ 2 حصن ۾ ورهايل

ڪراچي: سنڌ پوليس ڪراچي ۾ اڳ ۾ ئي 7 بجاءِ 8 ضلعن جي سيٽ اپ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پوليس اختيارين پاران ڪراچي ڏکڻ ضلعي کي 2 حصن ۾ ورهائي ڪراچي سٽي ضلعو ٺاهيو ويو آهي، جتي الڳ ايس ايس پي پڻ مقرر ٿيل آهي

ٿرپارڪر کي ورهائي ڇاڇري کي الڳ ضلعي جي حيثيت ڏيڻ جي گهر

ڪراچي: ٿر پار ڪر جي سماجي اڳواڻن وڏي ايراضي رکندڙ ٿرپارڪر ضلعي کي ورهائي ڇاڇري کي الڳ ضلعي جي حيثيت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڇاڇري ضلعي ۾ ڇاڇرو، ڏاهلي، ننگر پار۽ نئون ٺهندڙ  چيلهار تعلقا شامل ڪرڻ  جي تجويز ڏني وئي هئي

Leave A Comment