پهريان ڌانڌلي جي جاچ ڪرايو پوءِ قرض ڏيو: عمران پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو فيصلو

فيبروري 23, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چونڊ نتيجن خلاف آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو، بيريسٽر گوهر خان ۽ سينيٽر علي ظفر عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف کي خط لکندو. علي ظفر چيو ته آءِ ايم ايف، يورپي يونين ۽ ٻين عالمي آرگنائيزيشن جو پنهنجو هڪ مينڊيٽ آهي، جنهن ملڪ ۾ جهموريت ناهي اتي عالمي ادارا ڪم ناهن ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ سموري دنيا ڏٺو ته عوام جو ووٽ چوري ٿيو، چوري جي مينڊيٽ سان جهموريت نٿي هلي سگهي، جڏهن فنڊنگ ادارا ڏسندا آهن ته جهموريت ناهي ته هو قرض ناهن ڏيندا. سندس چوڻ هوته اسان جو خط آءِ ايم ايف ڏانهن ويندو، جيڪڏهن آءِ ايم ايف کي ڳالهه ٻول ڪرڻي آهي ته سڀ کان پهرين چونڊ نتيجن جي آڊٽ ڪرائي، جتي جتي آڊٽ ۾ ڌانڌلي ثابت ٿئي ان کي ختم ڪيو وڃي ان کانپوءِ آءِ ايم ايف ڳالهيون ڪري. آڊٽ ۾ جوڊيشري جو عمل دخل به ھجي. جيترن تڪن ۾ ڌانڌلي ٿي انھن جي آڊٽ ڪرائي وڃي، ھڪ آڊٽ ٽيم جوڙي وڃي، آزاد آڊٽ ٽيم اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ناھي، آزاد آڊٽ ٽيم سپريم ڪورٽ جي سربراھي ھيٺ جوڙي وڃي ته تمام سٺو آھي، جيڪڏھن آڊٽ نٿي ٿئي ته آءِ ايم ايف کان قرض وارا قدم ملڪ جي لاءِ نقصانڪار ھوندا. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ٿيندو، اِهو اسان ڌانڌلي خلاف آڊٽ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي، پهريان به آءِ ايم ايف کي چيو هو ته اسان صاف ۽ شفاف اليڪشن چاهيون ٿا. اسان جي ڪامياب اميدوارن کي ھارايو ويو. بري طرح ھارايل اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو ويو. چوري جي مينڍيٽ سان جمھوريت نٿي ھلي سگھي. جيڪڏھن اليڪشن فري ايند فيئر نه ٿيا ته ڪو به ادارو قرض نٿو ڏئي سگھي. جيڪو قرض ڏنو ويندو عوام تي وڌيڪ بار پوندو. بريسٽر علي ظفر چيو ته اھڙي حڪومت جنھن جي پٺيان عوام جو اعتماد نه ھجي اھا قرض واپس ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي. اھڙي حڪومت ملڪ جي ترقي ۾ بحرانن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رھندي. بيريسٽر گوھر علي چيو ته اسان چاھيون ٿا ته معيشت بھتري طرف وڃي. جيڪڏھن اليڪشن صاف شفاف نه ٿيندا ته معيشت کي نقصان ٿيندو. . ھن چيو ته جن وٽ حق حڪمراني ناھي اھو غاصب وانگر ڪرسين تي ويھندا. عدالت مان ٿيندڙ تيزيءَ سان فيصلن کي پوري دنيا ڏٺو آھي. باني تحريڪ انصاف جو جيل ۾ ھجڻ غيرقانوني ۽ غير آئيني آھي. تحريڪ انصاف پارليامينٽ جو حصو ٿيندي ۽ اڳتي وڌيندي.

Leave A Comment