سمورا ڪيس آئيني بينچ ۾ نه کڻي وڃو، ڪجهه اسان وٽ به رهڻ ڏيو: جسٽس منصور
نومبر 5, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس منصور علي شاهه جا سوئي ناردرن گئس جي واڌو بلن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته سمورا ڪيس آئيني بينچز ۾ نه کڻي وڃو، ڪجهه اسان وٽ به رهڻ ڏيو
جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 26 هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي هي ڪيس آئيني بينچ ڏانهن ويندو
جسٽس منصور علي شاهه مرڪندي چيو ته سمورا ڪيس آئيني بينچز ۾ نه کڻي وڃو، ڪجهه ڪيس اسان وٽ به رهڻ ڏيو
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هن ڪيس ۾ ڪو به آئيني يا قانوني سوال موجود نه آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته التوا هيٺ نظرثاني ڪيس ۾ درخواستگذار سوال اٿاري سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ ڪيس اڪلائي ڇڏيو