حڪومت ۾ شامل ٿيون يا نه؟ پ پ ۾ اختلاف: بلاول جي اڄ وزيراعظم سان ملاقات: بجيٽ مک موضوع

جُون 20, 2024

اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عيد جي مبارڪباد لاءِ بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس وزيراعظم هائوس اچڻ جي دعوت به ڏني. بلاول ڀٽو زرداري دعوت تي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، هُو وزيراعظم کي وفاق ۽ پنجاب بابت خدشن کان آگاهه ڪندو، پ پ چيئرمين وفاقي بجيٽ جي حوالي سان پارٽي جا خدشا سامهون رکندو.هوڏانهن صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ ناصر شاهه تصديق ڪندي چيو آهي ته اڄ پ پ چيئرمين بلاول جي وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي جنهن ۾ بجيٽ تي خدشن تي ڳالهه ٿيندي، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته صدر آصف زرداري جي غيرموجودگي ۾ وقتي صدر يوسف رضا گيلاني کي آرڊيننس تي صحيح نه ڪرڻ گهرجي ها ان تي پ پ کي تحفظات آهن، سي اي سي ميٽنگ ۾ اهو معاملو اٿاريو ويندو، هڪ سوال تي هن چيو ته حڪومت پ ۾ پ پ جي شامل ٿيڻ جو اڃا فيصلو ناهي ٿيو، اسان وٽ ٻه رايا آهن هڪ راءِ آهي ته حڪومت ۾ شامل ٿجي ۽ ٻي راءِ آهي ته شموليت نه ڪجي، اهو فيصلو سي اي سي ڪندي آهي، وزيراعظم جا رابطا آهن، بلاول سان اڄ ملاقات به آهي، جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه ٿي ته سي اي سي ۾ فيصلو ٿيندو، بجيٽ تي اسان کي تحفظات آهن انهن تي وزيراعظم ۽بلاول ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڳالهه ٿيندي.

Leave A Comment