ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس: 4 اهلڪار چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

آڪٽوبر 9, 2024

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس ۽ پنجاب پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي پنجاب جي علائقي قصور مان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيس ۾ نامزد سي آءِ اي سب انسپيڪٽر هدايت الله ناريجو، پوليس اهلڪارن قادر، فرمان ۽ نادر کي ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پوليس پاران وڌيڪ جاچ لاءِ عدالت کان رمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن بعد عدالت پاران چئني اهلڪارن کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اهلڪارن کي ٻيهر 12 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Leave A Comment