ڊاڪٽر شاهنواز قتل: نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم، عمر سرهندي گرفتار نه ٿيو، ضمانت منظور
آڪٽوبر 1, 2024
ميرپورخاص (رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بئنچ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس ۾ نامزد ميرپورخاص جي اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد سونهارو جسڪاڻي، ايس ايس پيز اسد علي چوڌري ۽ آصف رضا بلوچ جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڪيل علي پلھه، اصغر ناريجو ۽ ٻين پاران ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ داخل ڪيل پٽيشـن تي ٻڌڻي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ هلائي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد سونھارو جسڪاڻي، ايس ايس پي اسد علي چودري ۽ ايس ايس پي آصف رضا بلوچ جا پاسپورٽ ۽ ويزا ٺھيل آھن، گرفتارين کان بچڻ لاءِ ٻاھرين ملڪ ڀڄي سگھن ٿا، ان ڪري نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن، ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي وڪيل علي پلھه ۽ اصغر ناريجو چيو ته عدالت جوابدارن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جا حڪم ڏنا آھن، جڏھن ته عدالتي جاچ ڪرائڻ واري معاملي تي مقتول ڊاڪٽرن جي وارثن، اي جي سنڌ ۾ لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جا حڪم ڏنا. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور خاص بينچ ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ نامزد مولوي پير عمر جان سرهندي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي، عمر جان سرهندي سنڌڙي ٿاڻي تي پنهنجي خلاف داخل ڪرايل ايف آءِ آر ختم ڪرڻ جي درخواست به داخل ڪرائي وئي، درخواست ۾ چيو ويو ته مقابلي ڪيس جي سنڌڙي ٿاڻي تي به درخواست داخل ٿيل آهي، ساڳئي واقعي جي ٻي ايف آءِ آر داخل ڪرائي نه ٿي سگهجي، درخواست ۾ چيو ويو ته عمر جان سرهندي 10 ڏينهن جي ضمانت مڪمل ٿيڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو سرينڊر ڪندو، عدالت ٻي درخواست تي گهرو کاتي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عمر جان سرهندي سوين ماڻهن جي قافلي سان گڏ عدالت پهچي درخواست داخل ڪرائي، عدالتي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر جان سرهندي چيو ته ماڻهن کي ڀڙڪائڻ وارا الزام غلط آهن، اسان رڳو ڊاڪٽر شاهنواز تي ڪيس داخل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو، ميرپورخاص پوليس جيڪو ڪجهه ڪيو ان جو جواب ميرپورخاص پوليس کي ڏيڻو آهي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران پير عمر جان سرهندي کي پيشي وقت گرفتار نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ عمر جان سرهندي جي عدالت ۾ پيشي وقت سندس گارڊز پاران هٿيارن جي نمائش جو به نوٽيس ورتو.
سرهندي تان ڪيس ختم، گرفتار آزاد ڪيا وڃن: مذهبي اڳواڻ
عمرڪوٽ (رپورٽر) جماعت اھل سنت مشائخ اتحاد ڪائونسل سني تحريڪ ۽ اھل سنت بريلوي مسلڪ سان تعلق رکندڙ اڳواڻن عمرڪوٽ پھچي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر واقعي بابت عمرڪوٽ جي اھل سنت جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، مشاورت ۽ گڏيل صلاح مشوري بعد پريس ڪانفرنس کي اڳواڻن چيو ته عمر ڪوٽ واقعو ڇو ٿيو، ان جا ڪهڙا سبب هئا، ماڻهو ڇو اڀريا، واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي، پير ميان عبدالخالق آف ڀرچونڊي شريف، مفتي محمد جان نعيمي، پير آغا غلام مجدد سرھندي، پير ساجن سائين، پير سردار ضياءُ الله شاهه، علامه شاهد غوري، پير ضياءُ الله سيالوي، پير ضمير حسين شاهه جيلاني، پير عبدالحليم سرھندي، علامه صفدر حسين ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان قانون جا پابند آهيون ۽ پابندي ڪندا رهنداسين، عدالت کان مٿانهين قتل کي درست نٿا سمجهون، جيڪڏهن عدالتون پنهنجو ڪم وقت تي ڪن ته اهڙا واقعا ڪڏهن به نه ٿين ها، ھنن چيو ته توھين رسول جي سزا پاڪستان جي آئين ۾ موجود آهي پر اڄ تائين ڪنهن به جوابدار کي سزا نه ملي آهي، اسان لاشن جي بي حرمتي ۽ ساڙڻ کي جائز نٿا سمجهون، ان جي شريعت ۾ ڪا گنجائش موجود ڪونھي، واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، مذهبي ماڻهو پرامن ۽ سخي آهن، هنن چيو ته صوبائي وزير سردار شاهه اسيمبلي فلور تي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ان جي باوجود عالمن ۽ مذهبي ماڻهن جون گرفتاريون سمجھه کان ٻاهر آهن، اسان حڪومت کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته گرفتار ڪيل عالمن کي آزاد ڪيو وڃي، هڪ شخص جي غلطي سبب سڀني ماڻهن کي هراسان ڪرڻ سراسر غلط آهي ۽ ان سلسلي کي فوري طور بند ڪيو وڃي، ھنن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز تي لڳل الزام ثابت ٿي چڪا آھن ان جا ثبوت سوشل ميڊيا تي موجود آهن، ان جي باوجود ڪجهه ماڻهو هن جي حمايت ۾ وڌيڪ گستاخي ڪري انتشار ۽ افراتفري پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته پير عمر جان سرھندي خلاف ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي ۽ مولوي احمد شاهاڻي، مولوي امجد پنھور ۽ ٻيا ساٿي آزاد ڪيا وڃن.
عمر سرهندي ھٿياربندن سميت عدالتي احاطي ۾ داخل
ميرپورخاص: مولوي عمر جان سرهندي پاران ھٿياربندن سميت عدالتي احاطي ۾ داخل ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي وئي، ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ لاءِ اچڻ وقت پير عمر جان سرھندي عدالت ۾ آيو ته ويگو گاڏين ۾ سوار سندس ھٿياربند گارڊ پڻ عدالتي احاطي ۾ داخل ٿي ويا ۽ ڪجھه ھٿياربند عدالتي گيٽ ٻاھران روڊن رستن تي چوڪس ٿي بيھي رھيا، اھڙيون وڊيوز ۽ فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي ميرپورخاص جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جي اٽالن پھچي عدالتي دروازي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ بعد ۾ جڏھن ٻيھر مولوي پير عمر جان سرھندي عدالت ۾ پيش ٿيو تھ جديد ھٿيارن سان ليس سندس گارڊ عدالتي احاطي کان ٻاھر بيٺا رھيا.
“خاموش ٿي نه ته ساڙي مارڻ ۾ دير نه لڳندي” سنڌو نواز کي ڌمڪيون
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو پاران ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف عمرڪوٽ ۾ ريلي ۽ لاڳيتو احتجاج توڙي قتل واري معاملي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڳالهائڻ تي کيس موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن سنڌو نواز گهانگهرو جي موبائيل جي واٽس ايپ تي هڪ اڻڄاتل نمبر تان وائيس ميسيج آيو آهي ته تون اسان جي عالمن خلاف ڳالهائڻ بند ڪر نه ته تون اسان جي سامهون شهر ۾ گهمي رهي آهين، توکي ساڙي مارڻ ۾ به دير نه لڳندي. سنڌو نواز گهانگهرو پاران کيس ڌمڪين وارو آيل وائيس ميسيج “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” کي موڪليو ويو آهي.
افسوس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود گرفتاريون نه ٿيون آهن: سنڌو نواز گهانگهرو/پنهل ساريو
ميرپورخاص: پنهل ساريو ۽ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻيا اڳواڻ ٻڌڻي دوران عدالت ۾ موجود هئا، ان موقعي تي سنڌو نواز گهانگرو ۽ پنهل ساريو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس سان چئون ٿا ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود هن وقت تائين ڪنهن جي به گرفتاري ناهي ٿي سگهي، سنڌ حڪومت ۽ پوليس پاران نامزد جوابدار نٿا گرفتار ڪيا وڃن ته 5 تاريخ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو هزارين جي تعداد ۾ پهچي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، عدالت کان مٿانهين قتل جي ڪنهن کي به اجازت ناهي.
بدين، ڏيپلي ۽ ساماري ۾ عمر جان سرهندي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج
بدين/ڏيپلو/سامارو (نمائندن وٽان) ڏيپلي ۾ گستاخي وارو مواد سوشل ميڊيا تي پکيڙڻ خلاف مختلف مذهبي جماعتن جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري مفتي فياض ڪلي، مولوي عباس ڪلر، مولوي عبدالهادي جوڻيجو ۽ مولوي عبدالرحمان اوٺو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٻئي پاسي بدين ۾ جماعت نقشبندي مجدديه ابراھيميه پاڪستان ضلع بدين پاران مفتي غلام قادر پٺاڻ، علامه فيضان خليل ميمڻ، علامه جنيد شاھه شيرازي، مولانا عبدالرحمان سومرو ۽ عبدالطيف ميمڻ خليلي جي اڳواڻي ۾ احتجاج بعد ايوان صحافت بدين ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ پير عمر جان سرهندي جو نالو غلط طريقي سان شامل ڪيو ويو آهي، ھنن چيو ته واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي، هوڏانهن ساماري ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران راھو آباد کان ساماري تائين پير حجت الله جان سرھندي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي