دوداپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 سڳا ڀائر مارجي ويا، 2 ڄڻا زخمي

مَي 21, 2024

دوداپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 سڳا ڀائر مارجي ويا، 2 ڄڻا زخمي، ٻڏل شاهه اسٽاپ وٽ هٿياربندن هوٽل تي ڪم ڪندڙ پورهيتن مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 2 سڳا ڀائر نادر دستي ۽ زاهد دستي ٿڏي تي مارجي ويا، 2 ڄڻا پرويز دستي ۽ هڪ واٽهڙو نور محمد ڪٽوهر سخت زخمي ٿي پيا، دوداپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتول ڀائرن جا لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو

Leave A Comment