دوستي لاءِ تنگ ڪندو هو: ڀان ۾ نوجوان کي عورت پاران سوپاري ڏئي مارائڻ جو انڪشاف، 3 ڄڻا گرفتار
آڪٽوبر 5, 2024
ڄامشورو(رپورٽ: مير مرتضيٰ نوحاڻي) ڀان سيد آباد ۾ اڍائي مھينا اڳ ڦر مزاحمت تي قتل ڄاڻايل واقعي جو ڊراپ سين ٿي ويو، مقتول سڪندر ٻگھيو کي مسمات ريشما ٻگھيو پيسا ڏئي قتل ڪرايو. ان ڏس ۾ ڀان سيدآباد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڄاڻايل نوجوان واري واقعي جو ڊراپ سين سامهون اچي ويو آهي مقتول سڪندر علي ٻگھيو کي مسمات ريشما ٻگھيو پيسا ڏئي قتل ڪرايو هو ڀان سيد آباد پوليس واقعي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ڪندي ڪاروائي ڪري عورت سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار طور گرفتار ٿيل عورت ريشما پوليس کي بيان ڏيندي چيو آهي ته سڪندر دوستي لاءِ تنگ ڪندو هو جنھن تي کيس پيسا ڏئي قتل ڪرايو آهي، ڀان سيدآباد پوليس پاران 14 جولائي 2024 تي قتل ٿيل سڪندر علي ٻگھيو جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار کان ڏوھ جو اعتراف ڪرائي ورتو. پوليس ڪاروائي بعد ڊي ايس پي سيوهڻ احمد بخش راهوجو،ايس ايڇ او ڀان عبدالطيف راجپر، ون فائیو انچارج منظور دل سان گڏ ڀان سيد آباد ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي. انھي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پوليس عملدارن جو چوڻ هو ته ڪارروائي ڪري هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدارن پوليس آڏو ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪري ڇڏيو آهي معاملي جي اڃان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ڊي ايس پي سيوهڻ ٻڌايو ته نوجوان سڪندر علي ٻگهيو کي عورت ريشمان ٻگهيو پئسا ڏئي قتل ڪرايو هو ريشمان عجيب شاھ، نياز شاھ، بگن شاھ ۽ ستار چانڊيو سان ملي ڪري مقتول سڪندر کي 4 لک رپين ۾ قتل ڪرايو هن وقت ريشمان، عجيب شاھ ۽ نياز شاھ کي گرفتار ڪيو آهي ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن پوليس ٻڌايو ته جاچ مان خبر پئي آهي ته جوابدار عورت سڪندر علي ٻگهيو کي قتل ڪرائڻ لاءِ قاتلن کي پهرين هڪ لک ايڊوانس ۽ باقي پئسا پوءِ ادا ڪيا واضع رهي ته سڪندر علي ٻگهيو کي 14 جولائي 2024ع تي قتل ڪيو ويو هو اڍائي مهينن کان پوءِ پوليس ڪنھن نتيجي تي پھتي آهي.