ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش جي بيحرمتي ۽ ساڙڻ جو ڪيس 5 ڏينهن بعد داخل

سيپٽمبر 25, 2024

عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي ساڙڻ واري واقعي جو ڊاڪٽر جي سالي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر جي فرياد تي لاش کي ساڙڻ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جي قلمن تحت تعلقي ٿاڻي عمرڪوٽ تي داخل ڪرايو ويو آھي ڪيس ۾ ڳوٺ جي مولوي احمد شاھاڻي کي مک جوابدار طور نامزد ڪرڻ سان گڏ محبوب ساند ولد غلام رسول ساند، رياض ولد عبدالله پنهور، امجد ولد هاشم پنهور، غمشاد ولد غلام محمد پنهور، نور حسن ولد عرس پنهور، غلام مجتبي ولد مير محمد پنهور، سيفل ولد علڻ پنهور، دائود ولد حسين پنهور، لکمير ولد علي سميجو، ارشد ولد موچار سميجو، عليم ولد ماستر خميسو سميجو. سليم ولد مير محمد ساند، شير علي ولد علي سميجو، ميوو ولد ابراهيم سميجو، نويد ولد الهورايو پنهور، فقيرو ولد ابراهيم، معشوق ولد الهڏنو خاصخيلي، بدرو پنهورسڀئي ويٺل ڳوٺ جانهيرو، غفار رانگهڙ ويٺل ڳوٺ خانو رانگهڙ شامل آھن جڏھن ته 15 نامعلوم جوابدار ڄاڻايا ويا آھن فريادي وڪيل محمد ابرھيم ڪنڀر موقف اختيار ڪيو آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز کي پوليس لياري ڪراچي مان جنيد ڪنڀر جي روبرو جھليو ۽ ان کي سنڌڙي پوليس جي حراست ۾ ماريو ويو آھي جڏھن لاش وصول ڪري ڳوٺ پھتاسون ته ڳوٺ جي اسڪول لڳ مولوي احمد شاھاڻي اشتعال انگيز تقرير ڪندي چئي رھيو ھو ته لاش کي ساڙيو وڃي لاش کي ايمبولينس مان نجي ڪار ۾ شفٽ ڪيوسين ۽ پنھنجي زمين تي تدفين لاءِ پھتاسين اتي نامزد توڙي نامعلوم ڄاڻايل جوابدار به اچي ويا جن لاش تي پئٽرول ھاري باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، جوابدارن لاش کي ساڙيو ۽ ڌمڪيون ڏيندا ھليا ويا جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا  اڄ ڪيس داخل ڪرايون ٿا انصاف ٿئي  واضح رھي ته لاش سڙڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي ميڊيا آڏو لاش ساڙڻ واري وڊيو کان لاتعلقي ڪندي ان کي ايڊٽ ٿيل قرار ڏنو ھو پر مسلسل سياسي سماجي ڌرين ۽ ميڊيا جي رپورٽن بعد عمرڪوٽ پوليس لاش ساڙڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي

جاچ ٽيم پاران ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن جا بيان رڪارڊ

عمرڪوٽ: آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل جاچ ٽيم جو ميمبر ايس ايس پي ٿرپارڪر شبير سيٺار ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي وارثن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ پھتو ايس ايس پي آفيس عمرڪوٽ ۾ مقتول جي والد صالح ڪنڀر ڀاءُ بابر ڪنڀر ۽ محمد ابراھيم ڪنڀر جاچ آفيسر آڏو پنھنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. مقتول ڊاڪٽر شاھنواز جي والده رحمت ۽ ڊاڪٽر جي وني نعمت ڪنڀر جو بيان لکت ۾ ڳوٺ کان عمرڪوٽ جاچ آفيسر حوالي ڪيو ويو رابطو ڪرڻ تي ابراھيم ڪنڀر ٻڌايو ته اسان کي حقيقتن کي سامھون رکندي انصاف گھرجي وڏو ظلم ٿيو آھي اسان پنھنجا بيان رڪارڊ ڪرايا آھن اميد ته انصاف ٿيندو معاملي جي عدالتي جاچ ٿيڻ کپي اسان جاچ آفيسر آڏو اھڙو مطالبو رکيو آھي ٻئي طرف جاچ آفيسر ايس ايس پي ٿرپارڪر شبير سيٺار انڪوائري بعد واپس روانو ٿي ويو صحافين سان نه مليو نه وري پوليس پاران ڪا پڌرائي ڪئي وئي، فون تي رابطي باوجود فون اٽينڊ نه ٿيو

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي عدالتي جاچ لاءِ 2 پٽيشنون داخل

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي ميرپورخاص پوليس پاران مبينا طور مقابلو ڄاڻائي قتل ڪرڻ واري واقعي جي عدالتي انڪوائري ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ علي پلھه ۽ ٻين پاران ھڪ پٽيشن سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾داخل ڪئي وئي، جنھن ۾ گھُر ڪئي وئي آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز وارو واقعو عدالت کان مٿانهون قتل ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي، جنھن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. پٽيشن ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي ته واقعي وقت ميرپورخاص ۾ مقرر ٿيل ڊي آءِ جي جاويد سونھارو جسڪاڻي، ايس ايس پي ميرپورخاص رٽائرڊ ڪيپٽن اسد علي چوڌري ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ جا پاسپورٽ ٺھيل آھن، ان ڪري کين ملڪ کان ٻاھر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ سندن نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (ECL) ۾ شامل ڪيا وڃن ۽ مقابلي ۾ شامل سمورن پوليس عملدارن ۽ اھلڪارن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. پٽيشن ۾ اھا پڻ گھر ڪئي وئي آھي تھ مقتول ڊاڪٽر جي لاش جي بيحرمتي ڪندڙ ۽ باهه ڏئي ساڙيندڙ ماڻھن خلاف پڻ ڪيس داخل ڪري، مقتول جي ڪٽنب کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي. ھوڏانھن بيريسٽر فرخ شريف ڪنڀر پاران  ھاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل وئي آھي، جنھن ۾  سنڌ جي گھرو کاتي، آئي جي سنڌ، اڳوڻي ڊي آئي جي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايڇ او سنڌڙي ۽ ايس ايڇ او عمرڪوٽ کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل جي مقرر يا ريٽائر جج جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪرائي وڃي. هوڏانهن بيريسٽر فرخ شريف پاران داخل ڪيل پٽيشن ۾ گھر ڪئي وئي آھي تھ فوري طور تي آءِ جي سنڌ کي معطل ڪري ھن معاملي ۾ ملوث پوليس عملدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ھن معاملي جي سمورن ثبوتن جن ۾ گھربل ڪاغذ، سي سي ٽي وي فوٽيج، موبائل ڪال ڊيٽا رڪارڊ، فرانزڪ رپورٽ کي پوليس انڪوائري کان اڳ محفوظ بڻايو وڃي. ان ڏس ۾ پٽيشن داخل ڪندڙ ايڊووڪيٽ علي پلھه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته واقعي جي ڇاڪاڻ ته ايف آءِ آر ميرپورخاص ۾ داخل ٿيل آھي، ان ڪري چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ان پٽيشن کي ميرپورخاص ھاءِ ڪورٽ بينچ منتقل ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي ايندڙ سومر تي ٻڌڻي رکي وئي آھي، ھوڏانھن بئريسٽر فرخ شريف ٻڌايو تھ سندس داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي جي ڊيٽ سڀاڻي تائين ملندي

ڊاڪٽر شاهنواز معاملو سينيٽ ڪاميٽي ۾ پهچي ويو: آءِ جي طلب

اسلام آباد (بيورو  رپورٽ) عمر ڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي مبينا جعلي مقابلي ۾ مارڻ ۽  سندس لاش کي ساڙڻ وارو مامرو سينيٽ جي ڪاميٽي ۾ پهچي ويو، سينيٽ جي گهرو ڪاميٽي واقعي جي منصفاڻي جاچ ڪرڻ ۽ واقعي بابت بريفنگ طلب ڪري ورتي  ڪالھه سينيٽ جي گهرو مامرن بابت اسٽينڊنگ  ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر فيصل سليم جي صدارت هيٺ ٿيو .اجلاس ۾ سنڌ مان چونڊيل سينيٽر ڄام سيف الله  ڊاڪٽر شاهنواز کي پوليس ڪسٽڊي ۾ وٺڻ بعد مبينا مقابلو ڄاڻائي مارڻ ۽ سندس لاش کي مشتعل  هجوم پاران ساڙڻ جو مامرو اٿاريو، چيئرمين ڪاميٽي ايندڙ اجلاس ۾  آءِ جي سنڌ پوليس کي  ان واقعي تي بريفنگ لاءِ  طلب ڪندي واقعي جي شفاف جاچ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آھي،  ڪاميٽي مفتي طارق مسعود مٿان توهين جي الزام بابت رپورٽ به طلب ڪري ورتي

سنڌ کي جنونيت واري ڪلچر سدائين نقصان ڏنو آھي: امر سنڌو

عمرڪوٽ: نامور ليکڪا ۽ سول سوسائٽي اڳواڻ امر سنڌو چيو ته سنڌ کي جنونيت واري ڪلچر سدائين نقصان ڏنو آھي، سنڌي ماڻھن کي انھن جي روڪٿام ڪرڻي پوندي، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث سمورن ڪردارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي

پوليس عدالت کان مٿانھون قتل ڪيو آھي: امير آزاد پنهور

عمرڪوٽ: ميڊيا سان ڳالھائيندي ايس يو پي اڳوڻ امير آزاد پنھور چيو ته پوليس ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو عدالت کان مٿانھون قتل ڪيو آھي جيڪو عمل سنڌ لاءِ نقصانڪار آھي سنڌ کي ھٿ سان مذھبي انتھاپسندي ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي، سنڌ جي روشن خيال ماڻھن کي ٻنجو ڏيڻو پوندو

پوليس موبائل ساڙڻ الزام ۾  9 ڄڻن جو پوليس رمانڊ حاصل

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ واقعي واري ڏينھن وڳوڙين پاران پوليس موبائل ساڙڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ٿيل صدام حسين کوسو، بلال بجير، ايان ڀٽي، الطاف حسين بجير، محمد شاھد يوسف زئي، بلاول سولنگي، شڪيل خاصخيلي سميت 09 جوابدارن کي دھشت گردي ٽور عدالت مان 27 سيپٽمبر تائين پوليس رمانڊ ملڻ بعد ڇور پوليس پاران جاچ ڪئي پئي وڃي ڪيس ۾ ڪل 150 جوابدار ڄاڻايا ويا آھن جن مان40  جي لڳ ڀڳ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آھي گرفتارين لاء مختلف علائقن ۾ ڇاپن جو سلسلو ھلندڙ آھي

ينگ ڊاڪٽرز جو وفد ڳوٺ پهتو، وارثن سان ڏک جو اظهار

عمرڪوٽ: ڊاڪٽر شاھنواز جي وارثن سان ھمدردي ۽  تعزيت لاءِ وفدن جي اچڻ جو سلسلو جاري ينگ ڊاڪٽرز جو وفد ڳوٺ پھتو، ڊاڪٽر محبوب نوناري جي اڳواڻي ۾ ينگ ڊاڪٽرز سان گڏ انساني حقن وارين تنظيمن جا اڳواڻ جمشيد، ڊاڪٽر صالح چانڊيو، ڊاڪٽر روشن چانڊيو ڊاڪٽر جنيد گجو ۽ ٻيا شامل ھئا، ھنن ڏک جو اظھار ڪيو ۽ عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو ٻئي طرف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنھور، امر سنڌو، ماروي اعواڻ، واجد لغاري ڳوٺ جانھيرو پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي

يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران عمرڪوٽ واقعي خلاف اڄ ڌرڻو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ اڄ اربع ڏينهن عمرڪوٽ ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، يوسف خاصخيلي، حمز چانڊيو ۽ ٻين چيو آهي ته سيڪيولر سنڌ مٿان ڪنهن به صورت ۾ شدت پسند ۽ جنونيت کي هٿي ڏيندڙ ماڻهن جو قبضو قبول نه ڪيو ويندو. ڊاڪٽر شاهنواز واقعي جي مک ڪردار پير عمر جان سرهندي، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص پوليس جي خلاف اڄ عمرڪوٽ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. هنن چيو ته پوليس ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪٽنب کي مسلسل هراسان ڪري رهي آهي. ڊي آءِ جي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي عمرڪوٽ، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايڇ او، عمر جان سرھندي، امير علي شاهه ۽ ٻين سمورن ملوث ماڻھن ۽ اھلڪارن کي بچائڻ لاءِ ڊراما  ڪيا پيا وڃن. سنڌ جو هر باشعور ماڻهو، ساڃاهه وند ذهن ۽ سياسي سماجي ڌريون وڏي واڪي اها گهر ڪري رهيون آهن ته ڄاڻايل ڪردارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جئين وري ڪو اهڙو واقعو جنم نه وٺي. عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ پير عمر جان سرهندي سنڌي نياڻين جي مذهب مٽرائڻ کان ويندي پرامن علائقي ۾ فرقيواريت کي هوا ڏئي انتشار ڦهلائي رهيو آهي. احتجاجي تحريڪ ڊاڪٽر شاهنواز جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين جاري رهندي. هنن سنڌ جي شعور کي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي

نوشهرو فيروز ۾ ڏيئا ٻاري شاھنواز ڪنڀر کي ڀيٽا پيش

نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ جسقم پاران شھيد ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ناحق قتل خلاف پريس ڪلب آڏو ڊاڪٽر شاھنواز جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاريا ۽ گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن امتياز آزاد کوسو، اياز راڄپر، اسد عمراڻي، مھر وسطڙو، ياسين سومرو، جنيد، منير وسطڙو ۽ ٻين چيو ته رياست جي ڇڙواڳي سبب سنڌ مذھبي انتھا پسندي جي ور چڙھي وئي آھي، اھو ئي سبب آھي جو ھڪ انسان ترس ڊاڪٽر شاھنواز مٿان ڪوڙي تھمت مڙهي کيس شھيد ڪيو ويو، ھنن چيو ته پوليس جو ڪم جوابدار گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ آهي پر هن گرفتار ڪيل کي گوليون هڻي شهيد ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته قتل جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي ۽ عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي ملوث سمورن پوليس عملدارن ۽ ڊي آءِ جي کي شامل ڪيو وڃي

Leave A Comment