ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش ساڙڻ جي ڪيس ۾ 18 جوابدار عدالت پيش، 7ڏينهن جو رمانڊ منظور

آڪٽوبر 3, 2024

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي دفن ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وجھڻ ۽ وارثن کان لاش کسي ساڙڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل 18جوابدارن کي عمرڪوٽ پوليس ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو،  پوليس جوابدار مولوي احمد شاھاڻي، مولوي رياض پنھور، شير علي سميجو، محبوب ساند، غلام مجتبيٰ پنھور، نور حسن پنھور، غمشاد پنھور، محمد صيفل پنھور، مولوي امجد، لکمير، ارشد سميجو، عليم سميجو، فقير محمد پليجو، محمد سليم ساند، بدر الدين پنھور، عبدالغفار رانگڙ، دائود پنھور ۽ معشوق خاصخيلي کي عدالت آڏو پيش ڪيو، ڪيس جي انويسٽيگيشن آفيسرن جوابدارن کان وڌيڪ جاچ لاءِ عدالت کان جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت سمورن جوابدارن کي وڌيڪ 7 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، واضح رھي تھ لاش ساڙڻ جي ڪيس ۾ 19 سڃاتل ۽ 15 اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو ھو، ھن وقت تائين رڳو 18 جوابدار گرفتار ٿي سگھيا آھن .

جاچ ٽيم پاران واقعي واري هنڌ جو دورو: پوليس آفيسرن جي به گرفتاري لاءِ ڇاپا

سنڌڙي (رپورٽ: اسد شر) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽيم، فرازنڪ ٽيم ۽ جيو فينسڪنگ ٽيم ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص پهتي، پوليس ذريعن موجب ٽيم پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري سبزل اسٽاپ تي واقعي واري ھنڌ پھتي ۽ علائقي واسين کان معلومات ورتي، جڏهن ته جاچ ٽيم پاران جوابدارن جي گرفتارين لاءِ جوڙيل ٽيمن ميرپورخاص، سنڌڙي ۽ عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا ھنيا ويا پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، گرفتارين ۽ جاچ لاءِ جوڙيل ٽيمن پاران ڪيل ڪاررواين جي حوالي سان صحافين کي ڪنهن به قسم جا تفصيل نه ٻڌايا ويا، رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي ٻڌايو ته جاچ جا تفصيل جلد ميڊيا کي ڏنا ويندا، جاچ ٽيم ڊي آئي جي ميرپورخاص جي اڳواڻي ۾ واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون، جڏهن ته ٽيم ۾ شامل آفيسرن ڪرائيم سين، فارزنڪ ٽيم ۽ جيو فينسڪنگ جي ٽيم پڻ گڏ هئي جن واقعي واري ھنڌ جي لوڪشين پڻ ورتي.

شاهنواز ڪنڀر جي ياد ۾ شهرين ۾ مفت ڪتابن جي ورهاست

عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ياد ۾ سنڌ سڀا تنظيم پاران مفت ڪتابن جو اسٽال قائم ڪري نوجوانن شاگردن ۽ شھرين ۾ ھڪ ماڻھو ھڪ ڪتاب جي سري ھيٺ مفت ڪتاب ڏنا ويا، عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو لڳايل اسٽال تي نوجوانن جي تمام گھڻي رش لڳل رھي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي انعام عباسي چيو ته سنڌ مان انتھاپسندي جنونيت جي خاتمي لاءِ ضروري آھي ته نوجوان ڪتاب پڙھن، مطالعي سان تمام گھڻيون تبديليون آڻي سگھجن ٿيون.

عمرڪوٽ ۾ جسقم ڪارڪنن جو ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف احتجاج

عمرڪوٽ (رپورٽر) جسقم شهيد بشير خان جي ڪارڪنن طرفان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي جسقم ضلعي چيف آرگنائيزر جميل ڌونڪائي، صاحب خان کوسو ۽ سرائي غلام نبي خاصخيلي چيو ته هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججز کان ڊاڪٽر شاھنواز واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراھم ڪيو  وڃي.

Leave A Comment