ڊاڪٽر يونس بنگلاديش جون واڳون سنڀالي ورتيون، 2 شاگرد اڳواڻن سميت 17 وزيرن حلف کڻي ورتو
آگسٽ 9, 2024
ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي 17 رڪني عبوري حڪومت جي ميمبرن حلف کڻي ورتو، ڊاڪٽر محمد يونس نئين حڪومت جو چيف ايڊوائيزر هوندو. نوبل انعام يافته ڊاڪٽر يونس عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر طور حلف کنيو، شاگرد تحريڪ جا 2 اهم اڳواڻ به عبوري حڪومت جو حصو رهيا. ناهد اسلام ۽ آصف محمود کي صلاحڪار بڻايو ويو آهي، نئين عبوري حڪومت ۾ ڪو به سياستدان ناهي. عبوري حڪومت جي سربراهي جي حيثيت سان ڊاڪٽر يونس جو عهدو چيف ايڊوائيزر جو آهي جيڪو وزيراعظم جي برابر آهي. حلف برداري تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڏن ڪاروباري شخصيتن ۽ اڳوڻي اپوزيشن پارٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ٻئي طرف بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس ڍاڪا پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد يونس چيو ته شاگردن بنگلاديش کي بچايو آهي، هاڻي اسان کي منهنجي ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته هاڻي حاصل ڪيل آزادي جي حفاظت ڪرڻي آهي، وطن واپس پهچي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هوته سازش تحت بنگلاديش ۾ اقليتن تي حملا ڪيا ويا، بنگلاديش جو مستقبل نوجوانن سان سلهاڙيل آهي، اسان سڀ گڏجي ملڪ کي مالي ڏکيائين مان ڪڍنداسين، بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت قسم کڻي رهي آهي، نوبل انعام يافتا پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس اقليتن تي تشدد جي واقعن کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته شاگردن ملڪ کي بچائي ورتو آهي، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪري آزادي جي حفاظت ڪئي ويندي، بنگلاديش ۾ اقليتن تي حملا سازش آهن. سندس چوڻ هو ته ڏيهه واپس پهچڻ تي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، سازش تحت بنگلاديش ۾ اقليتن تي حملا ڪيا ويا. نوبل انعام يافتا پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته بنگلاديش جو مستقبل نوجوانن سان لاڳاپيل آهي، ملڪ کي مالي ڏکيائين مان ڪڍڻو آهي.ان کان اڳ ڊاڪٽر محمد يونس ڏيهه واپسي تي اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺو هو