ڊي ايس پي علي رضا جي قتل جي 2 هفتا اڳ ريڪي ٿيڻ جو انڪشاف: ابتدائي رپورٽ تيار

جُولاءِ 9, 2024

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ ڊي ايس پي سي ٽي ڊي علي رضا کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪرڻ واري واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ جاري، ابتدائي رپورٽ تيار، جنازي نماز ۾ وڏي وزير ۽ گهرو وزير جي شرڪت، آچر واري ڏينهن ڪريم آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن هٿان ڊي ايس پي سي ٽي ڊي علي رضا جي قتل واري واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ جاري آهي، ڪالهه ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ ٻيهر واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري اکين ڏٺن شاهدن کان معلومات ورتي. ذريعن موجب واقعي جي ابتدائي رپورٽ تيار ڪئي وئي. رپورٽ موجب جوابدارن 2 هفتا ڊي ايس پي جي ريڪي ڪئي، علي رضا روزانو رهائشي اپارٽمينٽ ۾ ايندو هو، جوابدارن کي خبر هئي ته گاڏي بم ۽ بلٽ پروف آهي، علي رضا وٽ هٿيار به آهي، واقعي واري ڏينهن جوابدار موٽر سائيڪل تي اڳواٽ موجود هئا، علي رضا گاڏي مان لهي اپارٽمينٽ ۾ وڃي رهيو هو ته انهي دوران جوابدارن مٿس فائرنگ ڪئي، هڪ جوابدار موٽر سائيڪل تي هو، سندس ساٿي جوابدار علي رضا تي فائر ڪيا، هڪ ئي هٿيار استعمال ٿيو، علي رضا کي 2 گوليون چيلهه، هڪ گولي ڪنڌ ۽ هڪ گولي مٿي ۾ لڳي. پوليس موجب جوابدار جن رستن سان آيا ۽ جن رستن تان فرار ٿيا، انهن رستن جي جيوميپنگ ڪئي پئي وڃي، سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ هٿ ڪيا پيا وڃن، جوابدارن جا خاڪا به تيار ڪيا ويندا. ٻئي طرف الفجر نالي دهشتگرد تنظيم ذميواري قبول ڪري ورتي، انهي تنظيم انهي کان اڳ سهراب ڳوٺ ۾ ڊيوٽي تي موجود ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل جي ذميواري به قبول ڪئي هئي. پوليس موجب الفجر نالي تنظيم جو ڪو وجود ناهي، الفجر نالي سان سوشل ميڊيا تي پيج آئي ڊي آهي ۽ اهو فقط سوشل ميڊيا جو چينل آهي، جاچ ڪريون پيا ته اهو چينل ڪير استعمال ڪري رهيو آهي ۽ حملي ۾ ڪير ملوث آهي؟ هوڏانهن شهيد ڊي ايس پي جي جنازي نماز سينٽرل پوليس آفيس ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گهرو وزير ضياء الحسن لنجار، صوبائي مشير نجمي عالم، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير شهيد ڊي ايس پي جي گهر ڀاتين سان به ملاقات ڪري خاطري ڪرائي ته علي رضا جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا سين، نماز بعد پوليس دستي شهيد ڊي ايس پي کي سلامي ڏني، وڏي وزير ميت تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ڪلهو ڏنو. جنهن بعد علي رضا جو لاش انچولي پهچايو ويو، انچولي امام بارگاهه ۾ جنازي نماز بعد کيس  وادي حسين قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

Leave A Comment