دبئي ليڪس: 17 هزار پاڪستانين جون عرب امارات ۾ 11 ارب ڊالر ماليت جون 23 هزار ملڪيتون ظاهر
مَي 15, 2024
ابوظهبي/شارجه/ ڪراچي(م ڊ) پاناما ليڪس جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ عالمي اڳواڻن، سياستدانن ۽ ٻين طاقتور ماڻهن جي ڳجهي دولت جي حوالي سان هڪ وڌيڪ مالي اسڪينڊل ”دبئي ان لاڪڊ“ جي نالي وائکو ڪيو ويو آهي. جنهن تحت پاڪستاني شهرين جي صرف دبئي ۾ 11 ارب ڊالر جي ملڪيت ظاهر ٿي آهي. تفصيل تحقيقاتي صحافين جي بين الاقوامي ڪنسورشيم (آءِ سي آءِ جي) جهڙي هڪ وڌيڪ تحقيقاتي ڪنسورشيم آرگنائزڊ ڪرائم اينڊ ڪرپشن رپورٽنگ پروجيڪٽ (او سي سي آر پي) ڊيٽا ليڪ جي شڪل ۾ جاري ڪيون. دبئي ان لاڪڊ جي تفصيلن موجب سڄي دنيا جي چوٽي جي امير ماڻهن جي دبئي ۾ اربين ڊالرن جون ملڪيتون موجود آهن جن ۾ اڪثر ملڪيتون مبينه طور تي ٽيڪس بچائڻ لاءِ لڪايون ويون آهن. دبئي ۾ غير ملڪين جي 389 ارب ڊالرن جي ملڪيت هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي انهن ملڪيتن جي مالڪن ۾ سرفهرست روس جا طاقتور ماڻهو ٻڌايا ويا آهن. دبئي ڊيٽا ليڪس موجب دبئي ۾ مبينه طور تي ملڪيت لڪائيندڙن ۾ پاڪستان سميت ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به شامل آهن. دبئي ڊيٽا ليڪس ۾ 17 هزار پاڪستاني شهري دبئي ۾ ملڪيتن جي مالڪن طور تي ظاهر ڪيا ويا آهن، ڊيٽا ۾ پاڪستان طرفان ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ٽوٽل سرمائيڪاري جي ماليت ساڍا 12 ارب ڊالر ٻڌائي وئي آهي. سياستدانن، ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن، وڏين ڪاروباري شخصيتن ۽ ملٽري آفيسرن جا نالا به دبئي ليڪس ۾ شامل آهن. رپورٽ ۾ اهو به ظاهر ڪيو ويو آهي ته عالمي سرمائيڪاري جي فهرست ۾ دبئي ۾ رهائشي جائيداد جي خريد وفروخت ۾ پاڪستان جو چوٿون نمبر آهي. ڊيٽا ليڪ ۾ پاڪستانين کي دبئي جي مهانگي ترين علائقن ۾ بطور پراپرٽي مالڪ ظاهر ڪيو ويو جن ۾ دبئي مرينا، ايمريٽس هلز، بزنس بي، پام جميري ۽ البرشه شامل آهن. ڊيٽا ليڪس ۾ ڪنهن مالياتي ڏوهن جي پيسن مان خريد ڪيل ملڪيتن جو ڪو ثبوت ناهي ۽ نه ئي آمدني جي ذريعن، رينٽ جي مد ۾ ٽيڪس ڊڪليئريشن جهڙي معلومات شامل آهي. دبئي ۾ غيرملڪين جي ملڪيتن ۾ هندستان پهرئين نمبر تي آهي، جنهن جا 29 هزار 700 مالڪن جون 35 هزار ملڪيتون آهن. 2022 جي انگن اکرن موجب دبئي ۾ هندستانين جي ملڪيت جي ماليت 17 ارب ڊالر آهي. دبئي ۾ رهائشي خريد فروخت ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جو چوٿون نمبر آهي ۽ پاڪستاني شهريت رکندڙ 17 هزار مالڪن جون دبئي ۾ 23 هزار ملڪيتون آهن. ساڍا 19 هزار برطانوي شهرين جون دبئي ۾ 22 هزار ملڪيتون آهن جن جي ماليت 10 ارب ڊالر آهي. ساڍا 8 هزار سعودي شهري دبئي ۾ 16 هزار ملڪيتن جا مالڪ آهن جن جي ماليت ساڍا 8 ارب ڊالر آهي. دبئي ليڪس ۾ شامل جن پاڪستانين تي ملڪيتون رکڻ جا الزام لڳايا ويا آهن انهن ۾ صدر آصف زرداري جا ٽئي ٻار بلاول، بختاور، آصفه، اڳوڻو صدر مرحوم پرويز مشرف، سندس گهرواري، اڳوڻو وزيراعظم شوڪت عزيز، رٽائرڊ سرڪاري آفيسر، پوليس چيف، سفارتڪار، سائنسدان به شامل آهن. حسين نواز شريف، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي زال، سنڌ جي اطلاعات واري شرجيل ميمڻ، سندس گهرواري، سينيٽر فيصل واوڊا، پي ٽي آءِ جي شيرافضل مروت، فرح گوگي، سنڌ جي 4 قومي اسيمبلي ميمبرن، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي 6 کان وڌيڪ ميمبرن جا نالا به شامل آهن.