سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منيب اختر وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ
جُون 3, 2024
سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منيب اختر وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ، چيف جسٽس سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي کي ججز جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان روڪي ورتو، چيف جسٽس چيو ته اسان توهان کي ٻڌڻ لاءِ ويٺا آهيون، مان هڪ ڀيري عدالت ۾ پيش ٿيو هيس ته چيو هو ته ججز ذهن ٺاهي چڪا آهن ته پوءِ ڪيس واپس ٿو وٺان، ائين هلڪي ڦلڪي انداز ۾ چوان ٿو ته اسان هتي وڪيلن کي ٻڌڻ لاءِ ويٺا آهيون، جسٽس منيب اختر چيو ته ڪنهن جج کي نه ٿو چئي سگهجي ته هن ذهن ٺاهي رکيو آهي، اها انتهائي غير مناسب ڳالهه آهي، هر جج کي سوال پڇڻ جو حق حاصل آهي، اها ڳالهه مان برداشت نه ڪندس، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منيب اختر کي جواب ڏيندي چيو ته توهان جي ڳالهه نه پيو ڪيان، اڳ ئي چيو آهي ته اها ڳالهه ائين هلڪي ڦلڪي انداز ۾ پيو ڪيان، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني فل ڪورٽ مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جسٽس مسرت هلالي طبيعت خراب هئڻ سبب فل ڪورٽ بينچ جو حصو نه بڻجي سگهي، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 6 مئي تي سني اتحاد ڪائونسل جي حصي جون مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ڏيڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪيو هو