ايڪويهين صديءَ ۾ ماحولياتي تبديليءَ جا منفي اثر سڄي دنيا لاءِ ھڪ سنگين معاملو بڻجي چڪا آهن. طوفاني برساتون، تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏون، وڌندڙ گرمي پد، شديد موسمن سبب فصلن جي گھٽ پيداوار وغيره ھاڻي ھڪ سنگين چئلينج جي صورت اختيار ڪري ويا آهن، جنھن سان نه فقط ماحول پر صحت، معيشت، خوراڪ ۽ سماج جي مجموعي حالتن تي ھاڃيڪار اثر ظاهر ٿي رھيا آھن. تازو ٻه ھزار ٻاويھ واري ٻوڏ سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ پڻ وڏي تباهيءَ مچائي ان موضوع کي وڌيڪ توجھ طلب بڻايو آهي ۽ زور ڏنو آهي ته اھڙن واقعن کي رپورٽ ڪرڻ ۽ ان حوالي سان سماجي جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا ۾ ماحولياتي لسانيات جو گھرو تعلق ھجي ٿو.
ماحولياتي لسانيات يا ايڪو لنگوسٽڪس مطابق، ماحولياتي تبديلي يا قدرتي آفتن جي حادثن جي رپورٽنگ ڪرڻ وقت، ميڊيا جي ذميواري صرف خبرون ۽ معلومات پهچائڻ تائين محدود هئڻ بجاءِ موسمياتي تبديليءَ بابت عوامي شعور کي بيدار ڪرڻ پڻ هئڻ گهرجي. ان قسم جي رپورٽنگ اهڙي ٻوليءَ ۽ انداز ۾ هئڻ گهرجي، جيڪا نه فقط خطرن جي نشاندهي ڪري، پر انهن جي اثرن کي اجاگر ڪري ۽ اصلاح سان گڏ نجات جا رستا به ڏيکاري. ميڊيا پاران ماحول کي هڪ سائنس ۽ ماحولياتي نظام طور سمجهي، عوام کي آگاهي ڏيڻ گهرجي ته فطرت جي ڪاروهنوار يا ماحولياتي نظام ۾ هٿ چراند ڪرڻ يا ان جي توازن کي بگاڙڻ سان ڪيترائي هاڃيڪار ۽ منفي نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. مثال طور: زمين تي موجود قدرتي وسيلن جي کوٽ جو ذڪر ڪندي کين آگاهي ڏيڻ گهرجي ته اهي فقط وسيلا نه آهن، پر ڌرتيءَ جي رڳن مان زندگيءَ جا وهڪرا آھن، جيڪي خشڪ ٿي رهيا آهي، ڄڻ ته فطرت جي دل تي ڪي گهرا وار ڪيا پيا وڃن.
لاڳاپيل ماهرن تازي تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته ماحولياتي لسانيات بنيادي طور اهڙي اظهار کي جنم ڏئي ٿي، جيڪو انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ رشتي کي مضبوط ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت پائيدار ترقيءَ جو بنياد پڻ رکي ٿو. ان حوالي سان
Alexander and Stibbe
ٻه ھزار چوڏھن ۾ پنهنجي هڪ تحقيقي مقالي ۾ چيو آهي ته ماحولياتي لسانيات انسان ۽ ماحول جي تعلق کي باهمي طريقي سان ڳنڍڻ، ماحولياتي مسئلن کي سمجهڻ ۽ پائيدار ترقيءَ جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جڏهن ته Penz and Fill ٻه ھزار ٻاويھ ۾ چيو آهي ته ماحولياتي لسانيات (Ecolinguistics) اهڙي ٻوليءَ کي فروغ ڏئي ٿي، جيڪا انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ رابطن ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي.
ماحولياتي تباهي يا قدرتي آفتن، جهڙوڪ ٻوڏ، سوڪهڙي ۽ وڌندڙ گرمي پد بابت خبرون ڏيڻ مھل انهن کي خوفناڪ انداز ۾ پيش ڪرڻ سان ماڻهن ۾ نراسائي ۽ خوف پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي. تنهن ڪري، اهڙي رپورٽنگ دوران خبرن سان گڏ احتياطي اپائن، سائنسي مشورن ۽ ممڪن حل کي اجاگر ڪرڻ پڻ ضروري آهي.
ساڳي ريت، اهڙن واقعن کي صرف “قدرتي آفت” يا “حادثو” ڪوٺڻ بدران، انهن کي ماحولياتي تبديلي، صنعتي گدلاڻ، وڻن جي واڍي ۽ مجموعي طور انسان جي فطرت سان هٿ چراند جي نتيجي طور پيش ڪرڻ وڌيڪ مناسب هوندو.
ماحولياتي لسانيات جي موضوعن تي ڪم ڪندڙ اسڪالرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ميڊيا جو اصل ڪردار انهن موضوعن کي اجاگر ڪرڻ آهي، جيڪي عوامي بحث کان اوجهل آهن. تنهن ڪري، ميڊيا کي گهرجي ته هو معاشري کي ماحولياتي خطرن کان آگاهه ڪري، انهن جي سببن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ساڳي ريت، انهن جي تدارڪ بابت پڻ آگاهي فراهم ڪري.
اها حقيقت آهي ته ٻوڏ، سوڪهڙي، طوفان يا ٻين قدرتي آفتن جو سڀ کان وڌيڪ اثر غريب ماڻهن تي پوي ٿو، پر جديد دؤر جي ميڊيا ۾ سندن آواز گهڻو ڪري نظرانداز ٿي وڃي ٿو. تنهن ڪري، ماحولياتي انصاف کي رپورٽنگ جو مرڪز بڻائڻ جي به ضرورت آهي. ميڊيا کي غريب ماڻهن جي ڍال بڻجي سندن آواز ۽ انهن لاءِ اميد جي علامت بڻجڻ گهرجي، جيئن سندن خاموش فرياد اعلي` اختيارين تائين پهچي سگهي. سنڌ ۾ ٻه ھزار ٻاويھ جي ٻوڏ دوران ماڻهن جي دربدري ۽ روڊن جي ڪنارن تي امداد لاءِ واجهائيندڙ ماڻهو ان جو هڪ واضح مثال آهن. ساڳئي وقت، ميڊيا جي ذميواري آهي ته هو عوام کي ماحول سان سلهاڙيل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت شعور ۽ آگاهي ڏئي ۽ کين ٻڌائي ته سائنسي علم جي روشنيءَ وسيلي انهن آفتن جي اونداهيءَ ۾ به روشن دڳ جي ڳولا ممڪن آهي. ماحولياتي لسانيات اهو ياد ڏياري ٿي ته انسان فطرت کان الڳ ناهي، پر فطرت جي سمنڊ جهڙي وشال ڪُل جو هڪ جز آهي. تنهن ڪري، ميڊيا کي پنهنجي رپورٽنگ ۾ انسان، سمنڊ، درياهن، ٻيلن ۽ مجموعي ماحولياتي نظام کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ اڻٽٽ حصي طور پيش ڪرڻ گهرجي.
ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ خبرن، تجزين ۽ تبصرن ۾ ماحول دوست تشبيهن ۽ استعارن جو پڻ وڏو مثبت ڪردار هوندو آهي ۽ انهن جي غيرمعمولي اهميت هوندي آهي. تنهن ڪري، ميڊيا کي گهرجي ته هو رپورٽنگ دوران اهڙي ٻولي استعمال ڪري، جيڪا صرف خبر ڏيڻ تائين محدود نه هجي، پر ماڻهن جي دلين ۾ احساس، ذميواري ۽ مثبت تبديلي پڻ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري. ساڳي ريت، تحقيقاتي صحافت کي فروغ ڏيڻ جي پڻ ضرورت آهي. مثال طور، ڪنهن علائقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ مهل، ٻوڏ کان پوءِ واري دربدري کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه تي پڻ تحقيق ڪرڻ گهرجي ته ناقص منصوبابندي، وڻن جي واڍي، پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تي قبضا ۽ لاڳاپيل ادارن جو ڪردار ان صورتحال ۾ ڪيترو ذميوار هو. ماحولياتي لسانيات اها خواهش ڪري ٿي ته ميڊيا رڳو آئينو بڻجي تصوير ڏيکارڻ تائين محدود نه رهي، پر هڪ روشن رستي طور سامهون اچي ماڻهن کي واٽ ڏيکاري.
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ميڊيائي ادارن، ماحولياتي تبديليءَ بابت ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ ٻين سڀني لاڳاپيلن جي گڏيل ذميواري آهي ته هو ڪارپوريٽ صحافت جي هن دؤر ۾ صحافين لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪن، ماحولياتي موضوعن بابت معياري مواد صحافين تائين پھچائڻ ۽ ميڊيا کي ماحولياتي معاملن بابت وڌيڪ حساس بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان سان گڏوگڏ اهو احساس پڻ عام ڪن ته فطرت جي ترجماني کي ميڊيا ۾ مناسب جاءِ ملڻ گهرجي ۽ ماحولياتي لسانيات کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.