معاشي ترقي جي شرح 3.6 سيڪڙو: 15 سئو ارب رپين جي وفاقي ترقياتي بجيٽ: قومي اقتصادي ڪائونسل منظوري ڏئي ڇڏي
جُون 11, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي 15 سو ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، احد خان چيما، چئني وڏن وزيرن مريم نواز، مراد علي شاهه، علي امين گنڊاپور، سرفراز بگٽي موجود هئا. پنجاب جي صوبائي وزير منصوبابندي ۽ ترقي مريم اورنگزيب، سنڌ جي صوبائي آبپاشي وزير ڄام خان شورو، ڪي پي جي وڏي وزير جو صلاحڪار مزمل اسلم، بلوچستان جو صوبائي وزير منصوبابندي ۽ ترقي ظهور احمد بليدي، گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. ذريعن مطابق اجلاس ۾ پبلڪ پرائيوٽ پاٽنرشپ تحت منصوبن سميت ڪل 15 سو ارب روپين جي وفاقي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي جن ۾ 100 ارب سرڪاري نجي شرڪت جي منصوبن ۽ 14 سو ارب وفاقي ترقياتي بجيٽ شامل آھي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال ۾ 3.6 سيڪڙو گروٿ , جڏهن ته 2029 تائين گروٿ کي 6 سيڪڙو تائين آڻڻ , ايندڙ مالي سال دوران زرعي گروٿ جو حدف 2 سيڪڙو رکڻ , صنعتي گروٿ 4.4 سيڪڙو , خدمتن جي شعبي ۾ حدف 4.1 سيڪڙو , برامدات جو حدف 40. ارب ڊالرن جو رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي ايندڙ مالي سال دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 3.7 سيڪڙو رکڻ جي به منظوري ڏني وئي آھي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪي ترقي، معيشت جي بحالي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ موجود وسيلن جي بهترين استعمال کي يقيني بڻائيندي. معيشت جي حوالي سان سمورن اهم فيصلن ۾ وفاق صوبن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري کي يقيني بڻائيندو ته جيئن ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اجتماعي سوچ جي نتيجي ۾ اهڙا فيصلا ڪيا وڃن جيڪي مثبت هجن ۽ انهن جي رضامندي شامل هجي. قومي اقتصادي ڪائونسل ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم فيصلن لاءِ سڀ کان وڏو فورم آهي، جنهن کي معيشت جي بحالي لاءِ اهم فيصلن لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪائونسل گذريل ڏينهن لڪي مروت ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز الياس شهيد ۽ ٻين فوجي جوانن جي مغفرت ۽ انهن جي وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي وئي. وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل کي جديد تقاضن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي صوبن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان تفصيلي مشاورت ڪندي نه رڳو قومي اقتصادي ڪائونسل کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ پر ان کي موجوده وقت جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ تجويزون تيار ڪندي. ڪائونسل کي هلندڙ سال 24/2023 جي سالياني ترقياتي منصوبي ۽ ڪارڪردگي ۽ 25/2024 جي تجويز ڪيل ترقياتي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي جاري ڪيل بيان موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال ترقي جي شرح جو هدف واضح طور اضافو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته زراعت ملڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي. زراعت جي ترقي لاءِ صوبن سان مشاورت تمام ضروري آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته زراعت ۽ ٻين شعبن بابت صوبن جون تجويزون بجيٽ ۾ شامل ٿين. ڪائونسل اقتصادي ترقي جي هدفن، سالياني پلان 25/2024 لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ، سالياني پلان 25/2024 جي اصولي منظوري ڏني. ڪائونسل کي تيرهين پنجن سالن جي ترقياتي پلان تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ڪائونسل کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي مقصدن ۾ ملڪ جي هر خطي جي ترقي، خاص طور تي پوئتي پيل علائقن جي ترقي، برآمدات ۾ اضافو، ننڍي ۽ وچولي صنعتن کي فروغ ڏيڻ، سماجي تحفظ ۽ غربت جو خاتمو، افرادي قوت جي ڪارڪردگي ۾ اضافو، علم جي معيشت جي هدايت ۾ ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي خراب اثرات کي روڪڻ لاء ايڪشن پلان شامل آهن. ڪائونسل رٿابندي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته قومي معيشت ۾ مثبت ڪردار ۽ برآمدات ۾ واڌ لاءِ مختلف شعبن ۾ واضح هدفن سان گڏ صوبن کي جامع ايڪشن پلان پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وڌيڪ هدايت ڪئي وئي ته معيشت جي مجموعي واڌ جي شرح جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ صوبن کي مشاورتي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ زراعت جهڙن اهم شعبن سان شروع ڪيو وڃي. ڪائونسل کي معيشت جي بحالي ۽ ملڪي ترقي جي قومي هدفن ۽ انهن جي حصول لاءِ قدمن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته برآمداتي شين جي پيداوار، زراعت جي جدت، مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ عالمي معيارن جي مطابق، پائيدار ۽ قابل تجديد توانائي، پاڻي جي وسيلن جو موثر استعمال، نوجوانن ۽ عورتن جي ترقي ۽ سي پيڪ جهڙن قدمن کي ايندڙ پنجن سالن ۾ ترقي يقيني بڻائي ويندي. ٻئي مرحلي تي جلد عملدرآمد ايندڙ پنجن سالن ۾ ملڪ جي معيشت جي ترقي کي يقيني بڻائيندو. ڪائونسل تيرهين پنجن سالن جي ترقياتي پلان جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. 24/2023ع جي ترقياتي بجيٽ جو جائزو ۽ 25/2024 جي ترقياتي بجيٽ جون تجويزون به ڪائونسل آڏو پيش ڪيون ويون ڪائونسل کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ ترقياتي بجيٽ ۾ سي پيڪ جي پوزيشن، بين الاقوامي سيڙپڪاري جا منصوبا، مڪمل ٿيڻ جي ويجهو جاري منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي. ان کان علاوه پائيدار ترقي جا مقصد (SDGs) ترقياتي بجيٽ ۾ شامل ڪيا ويندا ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ پٺتي پيل علائقن کي ترجيح ڏني ويندي. ڪائونسل انهن قدمن جي منظوري ڏني. ڪائونسل کي سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (CDWP) ۽ ايگزيڪيٽوَ ڪميٽي آف نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (ECNEC) جي پهرين اپريل 2023ع کان پهرين مئي 2024ع تائين جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ پڻ ڪائونسل کي پيش ڪئي وئي.